آمو دريا

آمو دريا

آمو درياءُ

آمُو درياءُ: تاجڪستان جو هڪ مشهور درياءُ، جيڪو پامير جي مٿانهين پٽ وٽان نڪري پهرين سڌو الهندي طرف هلي، پوءِ ترمذ کان ڪجهه اتر طرف رهي، ارل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. هيءُ درياءُ وچ اوڀر ۽ هند- پاڪ جي تاريخ جو اهم ڪردار آهي. هن درياءُ جو ’آمو‘ نالو غالباً ’آمل‘ شهر جي ڪري مشهور ٿيو. ايران جي فتح کان پوءِ عرب هن درياءَ کان اڳتي واري علائقي کي ”ماوراءُ النهر“ يعني درياءَ پار وارو علائقو چوڻ لڳا. هيءُ هڪ تاريخي درياءُ آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي ڪئين شهر آباد هئا ۽ اڃا تائين ڪئين شهر آباد آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو