داخلا ؛ 3067
پڙهيو ويو ؛ 899
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-18


تصويرون


egg.jpg
آنا
آنا



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آنا

ٽائيٽل ؛ آنا


شاخ : جانور

آنا: پکين ۽ ڪجهه ٻين جانورن جا بيضا يا آنا، جدا جدا ماپ، وزن ۽ رنگ جا ٿين ٿا. ننڍڙا پکي -آنا- گهڻا لاهيندا آهن. مادي -باز- فقط ٻه -آنا- لاهيندي آهي. زمين تي -آنا- ڏيندڙ اڪثر پکين جا -آنا- چِٽ چِٽ هوندا آهن. مٿي وڻن تي آکيرن ۾ -آنا- ڏيندڙ پکي اڇا يا ماحول مطابق رنگين -آنا- ڏين ٿا. -آني- جي ٻاهرين کل چُن جي جُزن مان جڙيل آهي، جو اُن مان هوا لنگهي سگهي ٿي. اندرين کل تمام سنهي آهي. انهيءَ جي اندر پهرين اَڇاڻ آهي، اڇاڻ جي اندر وري پيلاڻ آهي ۽ پيلاڻ وارو گولو -آني- جو ضروري ڀاڱو آهي. -آني- جي موڪري ڇيڙي ۾ هوا -بند- رهندي آهي. پيلاڻ واري گولي جي وچ ۾ هڪڙو ننڍو -ٻج- ٿئي ٿو، جنهن مان پکي پيدا ٿيندا آهن. پيلاڻ ۽ اڇاڻ اُن -ٻچي- جو کاڌو آهي. خشڪيءَ توڙي پاڻيءَ جا پکي، ڪرڙيون ۽ نانگ -آنا- ڏيندا آهن. ڪُڪڙ جو آنو، جنهن کي فارسيءَ ۾ ’تخم مرغ‘ چوندا آهن، -تري- يا اوٻاري کائبو آهي. آنو طبي لحاظ سان گرم خشڪ اثر رکندڙ آهي. -آني- جي هئڊاڻ دل ۽ دماغ کي طاقت ڏئي ٿي. مثاني جي بيمارين کي هٽائيندي آهي. حڪيم چون ٿا ته -آني- جي اڇاڻ سُرڪي يا بابوني جي -تيل- ۾ گڏي، سور يا سوڄ واري هنڌ تي لائڻ سان، فائدو ٿيندو.

wikipedia
http://en.wikipedia.org/wiki/Egg_%28biology%29

http://simple.wikipedia.org/wiki/Egg_%28biology%29

http://en.wikipedia.org/wiki/Egg_%28food%29




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -آنا- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آنا - مان نڪتل ٻيون شاخون-


جانور - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باندر
ببر شينهن
ٻاچ (جانور)
ٻارهن سڱو
ٻرون
ٻڪر
ٻڪري
ٻلو
اڙل
ٻلي
ٻوڙائي ڪوئو
ٻهاڻ
بري (جانور)
اٺ
اڇو ويسر
اڇي پڇ وارو لومڙ
اوهه
بگهڙ
اَيٺ اَئٺ
اينڊي
آنا
بيل
بلو وهيل
بيڪانيري اٺ
بن مانس
اوائلي هاٿي
ڀاڄوڪڙ ڌڻ
ڀاروڙي
ڀاڙتِ ڀاڙِيَتَ
توڏو
توڏي 2
ترشولي چمڙو
ٽاڪرو ٻڪرو
ڀورو رڇ
ڀوري2
ڀولڙو
تيلچور 2
ٿونو
ٿرڪي
تارسيئر
ٿوهو
ٿوهي دار ڍڳو
تاڙو 2
تازي
پانڊا
پٽاپٽي هاتار
پٽول
پٽيري


.....جانور موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن