داخلا ؛ 3075
پڙهيو ويو ؛ 625
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-18


تصويرون


aangas.jpg
آنگاس يا علم يا پرچم يا جنڊو
آنگاس يا علم يا پرچم يا جنڊو



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آنگاس

ٽائيٽل ؛ آنگاس


شاخ : جهنڊو

آنگاسُ: وڏي جهنڊي يا عَلَم کي -آنگاس- چئبو آهي. اڳئين دور ۾ ڪنهن سردار جي شامياني يا رهائشگاهه جي اڳيان لڳل جهنڊي (جيڪو اڳواڻ جي شهر ۾ موجودگيءَ جو اهڃاڻ هوندو هو.) يا -امام بارگاهه- جي اڳيان، يا ڪنهن پِڙَ ۾ نشانيءَ طور لڳل جهنڊي کي -آنگاس- سڏبو آهي. سنڌ ۾ عام طرح -اهل- تشيع جي اوتارن، مڪانن، مزارن ۽ -امام- بارگاهن جي اڳيان وڏو اوچو جهنڊو لڳل هوندو آهي، جنهن کي ”آنگاس“ چوندا آهن. شيعن جي چوڻ موجب اهو نشان حضرت عباس علمدار جو آهي. سنڌ ۾ -آنگاس- جو رواج آڳاٽو آهي. اوتارن ۽ پڙن (امام بارگاهن) جي اڳيان وڏا وڏا -آنگاس- لڳل هوندا آهن. پِڙن ۾ عام طرح نغارن جون گهٽ ۾ گهٽ ٻه جوڙيون رکيل هونديون آهن. ذوالحج واري عيد ڏهاڙي نماز عصر کان پوءِ هر -امام بارگاهه- ۾ نقارن جو واڄو ٿيندو آهي، -ان- واڄي کان پوءِ شيعا محرم الحرام جون سڀئي تياريون شروع ڪري ڏيندا آهن. اهو ڄڻ محرم مهيني جو اعلان آهي. -ان- کان پوءِ مؤمن آنگاسن لاهڻ جي تياري ڪندا آهن ۽ پهرين محرم کان اڳ علم تي رنگ روپ ڪري علم چاڙهيندا آهن. پوءِ پهرين عشري جا ڏهه ئي ڏينهن روزانو شام جو نغارن جو واڄو ٿيندو آهي، گهوڙا (ذوالجناح) نڪرندا آهن، سيج جي رات ۽ عاشورن جي ڏينهن عصر جي وقت تائين عزاداري ٿيندي آهي،
ماتم ٿيندو آهي، مؤمن سينا ڪوبي ڪندا، زنجيرون هڻندا ۽ سج لٿي کان پوءِ شامِ غريبان جي مجلس ٿيندي آهي. -ان- کان علاوه شيعا روزانو صبح جو ڪم ڪار تي وڃڻ وقت -آنگاس- کي هٿ لائي شهيدن کان دعا گهرندا، يا جنهن به وقت موقعو مليو، -آنگاس- کي ڇُهي عقيدت جو اظهار ڪندا. -آنگاس- تي هار گُل ٽنگيندا ۽ اگربتيون ٻاريندا آهن. -آنگاس- ۾ لڳل ڪپڙي کي ”بيرڪ“ چوندا آهن، انگاس لهڻ کان پوءِ عقيدتمند -ان- ڪپڙي جا -ٽڪر- تبرڪ طور کڻي ويندا آهن.
-آنگاس- جي جيتري ڪاٺي ڊگهي هوندي، اوتري قدر -ثواب- وڌيڪ ٿيندو، ائين مڃتا آهي، سنڌ ۾ هن وقت قديم -ترين- علم پاڪ ٻه آهن هڪ سائين قلندر شهباز جي روضي تي ۽ ٻيو ٽنڊي -آغا- جي قديم -امام بارگاهه- ”علي آباد“ ۾ لڳل آهي. سنڌ ۾ علم پاڪ جي رواج کي عام ڪرڻ جو سهرو سنڌ جي آخري تاجدار مير محمد نصير خان ٽالپور -جعفري- تي آهي ۽ علمن ۾ خوبصورتي لاءِ چونڪ مدنن ۽ ڊيلن جو رواج ٽنڊي -آغا- جي رهواسي ميرزا -امام- علي بيگ وڌو. ميرزا -امام- علي بيگ نقاشي جي فن کان واقف هو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -آنگاس- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آنگاس - مان نڪتل ٻيون شاخون-


جهنڊو - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آنگاس
بيرق


.....جهنڊو موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن