داخلا نمبر 3097
عنوان آهت
شاخ ريتون ۽ رسمون
پڙهيو ويو 707 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

آهت

آهَتَ: ڪڙمي، ڪاسبي يا ڪنهن ٻئي مُهاڙيءَ کي ساليانو، فصل لهڻ تي سندس خدمتن عيوض آهت ڏنو ويندو آهي. سنڌ ۾ اڳي فصل لهڻ تي بٽئيءَ وقت ڪمين ڪاسبين ۽ ٻين مُهاڙين کي ساليانو ٻنڌاڻ يا لاڳ فصل مان وچان ڪڍي ڏبو هو: جيئن مسجد لاءِ هڪ ٽويو، مُلان لاءِ هڪ ٽويو، ڪنڀار لاءِ اڌ ٽويو، حجم لاءِ اڌ ٽويو، لوهار لاءِ اڌ ٽويو، واڍي لاءِ اڌ ٽويو، سيد لاءِ ٻه ٽويا. جيڪڏهن ڪو فقير فقراه اچي نڪتو ته ان کي به لَپ کَن اَنَ جي اُنهيءَ وقت ڏيندا هئا. ننڍڙن ٻارن کي وري پاٽي يا چوٿائي مفت ۾ ڏبي آهي، جنهن کي رُونگ چئبو آهي. سنڌ ۾ آهت پنهنجي سرندي مطابق ڏيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

ريتون ۽ رسمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باٽ کولڻ
ٻارهو
ٻاراهو
ٻار ڄمڻ جون رسمون
بدو
ٻانهن
ٻڪي
ٻيسڻ
اَکڙِي
اکيو
ريتون ۽ رسمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون