داخلا جي تاريخ 2012-03-19
داخلا نمبر 3101
عنوان آهوڙو
شاخ مختلف
پڙهيو ويو 491 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

آهوڙو

آهڙيو/آهوڙو: جانڊاهي- ترڇا، ڪنڊائتا، کتون نڪتل پهڻ آهُڙا سڏبا آهن. اهو لفظ شاهه لطيف به استعمال ڪيو آهي”آڏ تراڇا آهڙا، ڏونگر کي ڏاڪا“. انهن پهڻن کي ٽاڪي، تراشي انهن مان جنڊ، چڪيون، اُکريون ۽ روهيون يا کرل ٺاهڻ وارن ڪاريگرن کي ”آهڙيا“ يا ’جنڊ آهوڙا‘ به چئبو آهي. اُهي اِهي ٺاهيل شيون کڻي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڃي وڪڻندا به آهن، گهڻو ڪري اها ڪرت لورا ۽ بروهي ذات جا ماڻهو ڪندا آهن، پر ڪي غير مسلم خانه بدوش پڻ اهو ڪم ڪن ٿا ۽ گسي ويل جنڊن کي ٽڪي ٻيهر ان پيهڻ لائق بڻائي ڏيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابِينَ
بادامي
بادگيرُ
بادِلو
بار/ ٻار
آبراڻي
آبـِـري1
آبـِـري2
بارلو
بازيگر
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون