داخلا نمبر 3146
عنوان آيرويد
شاخ طب
پڙهيو ويو 868 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

آيرويد

آيرويد: آيرويد لفظ جي معنيٰ آهي ”زندگيءَ جو علم“، هندي ٻوليءَ ۾ طب جي مشهور ڪتاب جو نالو، جنهن کي هندي طب جو پهريون ڪتاب چيو وڃي ٿو، جيڪو ڌنوتريءَ نالي هڪ نامياري طبيب تصنيف ڪيو هو. ڪن ڄاڻن جو خيال آهي ته اهو ”آيرويد“ جو خلاصو آهي. اصلاحي طور ”آيرو ويد“ کي ”هندي علم طب“ چيو ويندو آهي. آيرويدڪ علاج، خاص جڙي ٻوٽين ذريعي علاج جو طريقو آهي. يوناني طب به اُن مان مدد ورتي آهي. ماهرن جو خيال آهي ته يوناني طب جي تدوين 460 ق.م ڌاري حڪيم بقراط ڪئي، ساڳئي دور ۾ هندستان ۾ ”چرڪ“ نالي ويڄ آيرويدڪ کي تڪميل تي پڄائي چڪو هو. قديم هندستان ۾ آيرويدڪ طريقي علاج تي سوين ڪتاب لکيا ويا آهن. ڪن ڪتابن ۾ آيرويدڪ علاج کي ٽن کان پنج هزار سال پراڻو علاج جو طريقو ڄاڻايو ويو آهي. بهرحال آيرويدڪ علاج جا اهم مرڪز سنڌو ماٿريءَ جا موهن جو دڙو، ڪاشي ۽ ٽيڪسلا هوندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

طب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا گوري
بابونو
بابونو کسي
بادرنگ
باديان خطائي
آتـشي
بانٺ چورو
اطرِيفل
اٺ ڪچور
انجڻيون
طب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون