داخلا ؛ 322
پڙهيو ويو ؛ 482
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2011-12-20


تصويرون


Auto-graph.jpg
سنڌ جي مختلف اديبن جون دستخط
سنڌ جي مختلف اديبن جون دستخط



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آٽوگراف

ٽائيٽل ؛ آٽوگراف


شاخ : ادب

آٽوگراف: ڪنهن به مشهور شخصيت جي صحي/ دستخط يا سندس لکي ڏنل پيغام کي -آٽوگراف- چئبو آهي. -ان- کان علاوه مصنف جي هٿ سان لکيل پراڻا قلمي نسخا، هٿن سان لکيل مسودا، -جن- تي لکندڙن جون صحيون به ٿيل هجن، انهن کي به -آٽوگراف- چئبو آهي، ڪنهن به اهم شخصيت کان صحي وٺڻ جو شوق 17 هين صدي عيسوي کان شروع ٿيو، -ان- سلسلي ۾ جرمني، ناروي، بيلجم ۽ هالينڊ جي يونيورسٽين جا شاگرد ويندي ويندي پنهنجي استادن ۽ دوستن کان البم تي صحيون وٺندا ۽ تاثرات لکائيندا هئا ۽ البم يادگار طور محفوظ ڪري رکندا هئا ۽ اهو سلسلو اڄ به قائم آهي. سياستدانن، فنڪارن، اديبن، رانديگرن ۽ اهم شخصيتن سميت استادن ۽ دوستن کان -آٽوگراف- وٺڻ جو رواج عام -جام- آهي. سنڌ ۾ پڻ اهو شوق گهڻن ماڻهن، خاص ڪري نوجوانن کي هوندو آهي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آٽوگراف- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آٽوگراف - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ادب - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آتم ڪهاڻي
آٽوگراف
ٻهڻي (ڪهاڻي)
بلوچي ادب
بلوچي شعري ادب
ڀاڳوت پُراڻُ
ڀڳتي ادب
جاسوسي ادب


.....ادب موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن