آپ بيتي جڳ بيتي ڪتاب - ٽائيٽل

آپ بيتي جڳ بيتي ڪتاب - ٽائيٽل

آپ بيتي جڳ بيتي

آپ بيتي-جڳ بيتي (ڪتاب ):سنڌ جي نامور محقق، زرعي ماهر، تاريخدان ايم. ايڇ پنهور جي آتم ڪٿا ”آپ بيتي-جڳ بيتي“ سنڌي ادب ۾ هڪ بي بها واڌارو آهي. هيءَ آتم ڪٿا اصل ۾ انگريزيءَ ۾ هئي، جنهن جو سهڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو، نامياري آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاريءَ ڪيو آهي. هيءَ آتم ڪٿا نرالي اسلوب، معيار، سچائي ۽ بيان جي جرئت سان گڏ پنهنجي دور جي تاريخ آهي. پنهور صاحب جي هن آتم ڪٿا ۾ نه خود پسندي آهي، نه ”مان“ جو اولڙو ۽ نه پنهنجن وڏڙن جي ڪن”اڌارن“ اکرن سان تعريف آهي. حاڪم علي شاهه بخاريءَ چواڻي ”هيءَ آتم ڪهاڻي مواد ۽ انداز بيان جي خيال کان منفرد آهي ۽ بنيادي طرح سڀ کان وڌيڪ ساراهه لائق هي نقطو آهي، جو ان جي ورق ورق ۾ جرئت جو اظهار نمايان نظر ايندو.“
ڪتاب جي مهاڳ ۾ نامور اديب ۽ دانشور محمد ابراهيم جويي پنهنجي شاگرد ۽ همعصر جي آتم ڪهاڻيءَ جي اهميت، ڪارج ۽ انفراديت تي بحث ڪندي، آخر ۾سڀني ڳالهين جو تت نهايت ئي باريڪ بيني ۽ پوري مطالعاتي سگهه سان بيان ڪندي لکيو آهي ته:
”آپ بيتي- جڳ بيتي“ پنهور صاحب جي زندگيءَ جي شروعاتي ڏهن سالن جي آتم ڪٿا آهي. جيڪو ڄڻ ته سندس آتم ڪهاڻيءَ جو پهريون ڀاڱو آهي، جيڪو هن ڏهه سال اڳ انگريزيءَ ۾ لکيو هو، پر ڇپائي ۾ دير سبب ساڻس حياتيءَ وفا نه ڪئي ۽ هو ٻيا رٿيل ڀاڱا لکي نه سگهيو .
ڊيمي سائيز جي رنگين ٽائيٽل سان ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 300 رپيا آهي، جيڪو فينڪس بوڪ ۽ ايم. ايڇ. پنهور ٽرسٽ پاران ڇپائي 2007ع ۾ پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو