داخلا جي تاريخ 2011-12-22
داخلا نمبر 369
عنوان آچاريه آسودومل گدواڻي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 517 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
آچاريه آسودو مل گدواڻي

آچاريه آسودو مل گدواڻي

آچاريه آسودومل گدواڻي

آچاريه آسودومل گِدواڻي: آچاريه آسودو مل سنگت راءِ گدواڻي، سنڌ جي انهن آڳاٽن ليکڪن مان هو، جن سنڌي نثر ۽ ڪهاڻيءَ کي نئون رنگ ڏنو. هو 23 مارچ 1898ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو، مئٽرڪ ڪراچيءَ مان ڪري، اعليٰ تعليم لاءِ بمبئيءَ ويو، جتان بي. اي ڪري، 1896ع ۾ ڪراچيءَ واپس وريو. هن پهريائين روينيو کاتي ۾ نوڪري ورتي، پر ڪجهه عرصي کان پوءِ اها ڇڏي، هڪ خانگي اسڪول ۾ ماستر ٿيو. هو پنهنجي صلاحيتن سان ترقي ڪري ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو، جتان 1939ع ۾ پينشن ورتائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو