داخلا ؛ 1716
پڙهيو ويو ؛ 801
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-02


تصويرون


Acharya-Kar.jpg
آچاريه ڪرپالاڻي
آچاريه ڪرپالاڻي



ٽائيم لائين

1888.00.00-A.D
آچاريه ڪرپالاڻي1888ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو .

1982.00.00-A.D
آچاريه ڪرپالاڻي1982ع ۾ وفات ڪئي.




sindhianaسنڌيانا--آچاريه ڪرپالاڻي

ٽائيٽل ؛ آچاريه ڪرپالاڻي


شاخ : سياستدان

آچاريه ڪرپالاڻي: هن جو پيدائشي نالو جيوترام ڀڳوانداس ڪرپالاڻي هو، پر سياست ۾ اچڻ کان پوءِ ”آچاريه ڪرپالاڻيءَ“ جي نالي سان مشهور ٿيو. 1888ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. ابتدائي -تعليم- حيدرآباد ۾ ورتائين، پوءِ اعليٰ -تعليم- لاءِ ولسن ڪاليج بمبئيءَ ۾ داخلا ورتائين. -بنگال- جي ورهاڱي خلاف هلچل ۾ حصو وٺڻ جي ڏوهه ۾ ڪاليج ڇڏڻو پيس. -ان- کان پوءِ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. 1912ع ۾ ايم. اي پاس ڪري، سکر ۾ -استاد- مقرر ٿيو. -ان- کان پوءِ ڪلڪتي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ -بهار- صوبي جي مظفر ڳڙهه ڪاليج ۾ پڙهائڻ لڳو. جيئن ته ڪرپالاڻي سنڌي هو، تنهنڪري بهاري شاگرد کانئس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام نهايت دلچسپيءَ سان ٻڌندا هئا. 1917ع ۾ جڏهن مهاتما گانڌيءَ ستيا گره هلچل شروع ڪئي ته -ان- جو ساٿ ڏنائين. مهاتما گانڌي مظفرپور ۾ وٽس اچي ترسندو هو، انهيءَ ڏوهه ۾ کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائون. -ان- کان پوءِ -آچاريه- ڪرپالاڻيءَ سڄي زندگي مهاتما گانڌيءَ جو ساٿ ڏنو. 1918ع ۾ پنڊت مدن موهن مالويه جو پرائيويٽ سيڪريٽري ٿي رهيو. 1919ع ۾ -بنارس- جي هندو يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ سياسيات جو -استاد- بڻيو. 1920ع ۾ جليانوالا -باغ- واري واقعي تي مهاتما گانڌيءَ سِول نافرماني تحريڪ شروع ڪئي ته -آچاريه ڪرپالاڻي- به وديشِي ڪپڙن کي ساڙي هن تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو ۽ ائين سال کن کان پوءِ وري اچي گانڌيءَ سان شريڪ ڪار ٿيو. 1922ع کان 1937ع تائين هو ”گجرات وديا پيٺ“ جو پرنسپال رهيو، 1934ع ۾ -انڊيا- ڪانگريس'>-آل -انڊيا- ڪانگريس- جو سيڪريٽري جنرل ٿيو ۽ 1946ع تائين اهو عهدو وٽس رهيو، -آڪٽوبر- 1946ع ۾ -انڊيا- ڪانگريس'>-آل -انڊيا- ڪانگريس- جو صدر منتخب ٿيو، پر پوءِ پارٽيءَ ۾ اختلافن سبب استعيفا ڏنائين. انگريزن خلاف سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ڪري ڪيترا ڀيرا جيل ويو. ورهاڱي بعد ڀارت جي قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1951ع ۾ پنهنجي ڌار سياسي -پارٽي- ”ڪانگريس نيشنل ڊيموڪريٽ فرنٽ“ قائم ڪيائين، 1952ع کان 1957ع تائين لوڪ سڀا جو به ميمبر رهيو. آزاد خيال ۽ ڪشاده دل -انسان- هو. ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. سندس وفات 1982ع ۾ ٿي.




رايا ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -آچاريه ڪرپالاڻي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آچاريه ڪرپالاڻي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن