آچر فقير

آچر فقير: آچر پٽ جمعو ڦلپوٽو سچل جي درگاهه جو فقير هو. هيءُ ڳوٺ اورنگ آباد لڳ امروٽ شريف، تعلقي ڳڙھي ياسين جو ويٺل ھو. ننڍپڻ ۾ سندس ماءُ پيءُ فوت ٿي ويا، تنھنڪري پنھنجي مامي وٽ شڪارپور جي ڀرسان رھيو. مامي ھن کي مينھون چارڻ لاءِ ڇڏيو، پر جلدي بيزار ٿي ڳوٺ ڇڏي گھمندو اچي ”درازن“ ۾ پھتو؛ جتي فقيرن جي صحبت وڻي ويس. آخرڪار پاڻ به سچل سائينءَ جي درگاهه تي فقير بڻجي ويٺو. جوانيءَ جي وقت ۾ 1349ھ/1930ع ڌاري وفات ڪيائين.


لفظ آچر فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو