آچر گاڏي

آچر گاڏي: آچر نالي شخص، ذات جو ملاح، سڄي لاڙ ۾”آچر گاڏيءَ“ جي نالي سان مشهور هو. هو جاتيءَ لڳ ويٺل هو، جاتيءَ جي مَلڪن، مامون خان ملڪاڻيءَ ۽ محمد موسيٰ خان ملڪاڻيءَ جو ماڻهو ۽ ٽپال کاتي جو ملازم هو. جاتيءَ کان ميرپور بٺوري ۽ بٺوري، سجاول کان جاتيءَ ۾ ٽپال رسائڻ جي ڊيوٽي آچر گاڏيءَ جي هوندي هئي. تمام تکو ڊوڙندو هو، تنهنڪري ريل گاڏيءَ سان مشابهت ڏيئي کيس آچر گاڏي سڏيو ويو. چئن منٽن ۾ هڪ ميل سراسر ڊوڙندو هو. زندگيءَ جا آخري سال هن غربت ۾ گذاريا ۽ 1978ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ آچر گاڏيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو