آڌيءَ جو انصاف

آڌيءَ جو انصاف (ڪتاب ):هي ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيل پهريون مذاقي ناٽڪ آهي، جنهن جو رچيندڙ ايڇ. سي بُلي وڪيل آهي. هي ڪتاب 1942ع ۾ ڪي. ايم ڪرپلاڻيءَ ”سيڪريٽري، ٻوڏ سهائتا ڪميٽي“ ڊي. جي نئشنل ڪاليج حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. هن ڪتاب جو مهاڳ لکندي نامور شاعر ۽ فنڪار پروفيسر رام پنجواڻيءَ لکيو آهي ته مسٽر ايڇ. سي. بُلي هن قسم جو شعر لکي اسان اڳيان مثال پيش ڪيو آهي ۽ مذاق جو شعر شانائتي ڍنگ ۾ لکي، سڄو ناٽڪ انهيءَ طرز ۾ رچي هن سنڌي ساهتيه جي عظيم سيوا ڪئي آهي. ”آڌيءَ جو انصاف“ سنڌي ساهتيه ۾ پهريون مذاقي ناٽڪ آهي. هن ڪتاب لکڻ ۾ ليکڪ کي مرزا اجمل بيگ پڻ ڪافي همٿايو هو ۽ هي ڪتاب ڊي. جي نئشنل ڪاليج جي 1942 واري ٻوڏ سهائتا ڪميٽيءَ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن جا ميمبر پرنسپال ايڇ. ايس. ڀارواڻي پروفيسر. بي. ملڪاڻي، مس ڪملا ڊي ڪرپلاڻي، مس سروج ڊي، هيراننداڻي خود ليکڪ ۽ ٻيا هئا ۽ ليکڪ ٻوڏ سهائتا ڪميٽيءَ کي اهو اختيار ڏنو هو ته هن ڪتاب جي سڄي ڪهاڻي ٻوڏ سهائتا فنڊ ۾ ڏني وڃي. هي ناٽڪ اسٽيج ڪيو ويو ۽ ڏاڍو پسند ڪيو ويو. ”آڌيءَ جو انصاف“ ناٽڪ هڪ تصوراتي عدالت جو نقشو پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ ٽمبڪٽو حڪومت جي حڪم سان هر ڪارروائي شاعريءَ ۾ هلائڻي آهي. ان کان سواءِ اها ڪارروائي آڌي رات جو عمل ۾ اچڻي آهي، ڇو ته شاعري ڪومل ٿڌي هئڻ سبب تيز ۽ تتل ڏينهن ۾ ننڊ جو ڪارڻ بڻجي ٿي. هن ناٽڪ ۾ عدالت جو آنريبل جسٽس توائي سراپا آفريڪي شان ۽ ڀڀڪيءَ سان عدالت ۾ گهڙي ٿو، سندس هٿ ۾ مڇيءَ جو ڪنڊيدار لڪڻ آهي ۽ کيس گائون بدران شاندار آفريڪي غاليچو پهريل آهي! هيءُ مذاقي ناٽڪ اشتهار وٺي ڇپايو ويو هو ۽ ڪرائون سائيز جي 76 صفحن تي ڇپيل هي ڪتاب ٻوڏ ساهتيه ڪميٽيءَ پاران ٻاپا پرنٽنگ ورڪس، تلڪ چاڙهي حيدرآباد جو ڇپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو