داخلا ؛ 2488
پڙهيو ويو ؛ 690
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-12


تصويرون


Budhe-jo-mukbro.jpg
آڍي خان، ٻڍي خان جو مقبرو
آڍي خان، ٻڍي خان جو مقبرو



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آڍي خان ، ٻڍي خان جو مقبرو

ٽائيٽل ؛ آڍي خان ، ٻڍي خان جو مقبرو


شاخ : قديم آثار

آڍي خان، ٻڍي خان جو مقبرو: هي مقبرو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو آهي. اهو مقبرو ميان نور محمد ڪلھوڙي جي قبرستان- ڳوٺ ۽ ديهه ميان نور محمد -تعلقو- دولتپور، ضلعو نوابشاھ. (هاڻي بينظير آباد) جي ڏکڻ ۾ اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر پنڌ تي نم جو ڳوٺ وٽ آھي. ھن جي -اوڀر- ۾ اٽڪل ھڪ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي لنڊڪي ڪئنال وھي ٿو. اولهه ۾ ٻن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي ڳوٺ مقيم ڏاھري ۽ موري جو شھر، اٽڪل 16 ڪلوميٽر نورمحمد ڪلھوڙي جي قبرستان کان پري آھي. ھي ماڳ -اتر- ويڪرائي ڦاڪ ″26◦ 32′ 50 ۽ -اوڀر- ڊگھائي ڦاڪ 68◦ 4′ 8″ ڊگرين تي واقع آھي. ھي مقبرو ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ ھڪ جيترو 5.65x5.65 ميٽر آھي، جڏھن ته وڌ ۾ وڌ اوچائي 10 ميٽر ماپي وئي. اڏاوت ۾ پڪيون سرون، گل گـارو، گچ گارو، ڪاشيءَ جون سرون ۽ چن استعمال ٿيل آھي. مقبرو رٿ ۾ چوڪنڊو آھي. چار ڪنڊي ونگائين لنگهه مٿان گھڻ- راسيون ونگون پانيلن تي ٺھيل آھن. مھاڙي گھڻ- راسين ونگن ۽ مستطيل پانيلن سان ٺھيل آھي. ھر -پاسو- مستطيل ۽ گھڻ- راسين ونگاون پانيلن سان مزين آھي. چار عدد برجيون مھاڙي واري ڀت تي، رنگين ڪاشيءَ جي سرن سان ۽ ٻيڙ ٻنو ڪنگرن سان سجايل آھي. -اٺ- ڪنڊي ڳچ (drum) جي پلويڙن تي ڪاشيءَ جون ڪنگريون ٺھيل آھن. ڳچ جي مٿان اڌ گول گنبذ رکيل آھي، جنھن جي مٿان ڪوڻيءَ جو ابتو ٿيل گل ۽ -ان- گل جي مٿان ڪلس ٺھيل آھي، جنھن تي به ڪاشيءَ جو ڪم ڪيل آھي. اندر سڄي سجاوٽ پانيلن ۽ گھڻ راسين جي آھي. محراب جھڙا طاق اندر تي -اوڀر- کان سواءِ، ھر طرف ڏنل آھن. مقبري جي گنبذي ڇت جو (drum) ڳچ اَٺ ڪنڊو آھي، جنھن جي ھر ڪنڊ تي برجي آھي. مقبرو اندران روغن ٿيل آھي. گنبذ ھن وقت سٺي حالت ۾ آھي. لنگهه وارو دروازو ۽ ڪنگرا ڪٿان ڪٿان ڊھي پيا آھن. ھي مقبرو محڪمه آثار قديم وارن محفوظ ڪيو آھي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آڍي خان ، ٻڍي خان جو مقبرو- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آڍي خان ، ٻڍي خان جو مقبرو - مان نڪتل ٻيون شاخون-


قديم آثار - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي ڍوري وارو دڙو
بالوءَ جا قبا
بانبڙي جو دڙو
بٺي ٿاڻو عارب
ٻاريءَ جا دٻيل دڙا
ٻانھياريءَ وارو ڀڙو
ٻٽڙي وارو ڀڙو
ٻڌڪي سائيٽ
ٻڌيا
ٻاٻرين جا آثار
ٻاٻرو ماڳ
ارڙ فقير ۽ ان جو مقبرو
ٻلاري ڪوٽ
اروڙ الور
اروڙ ونسي
ٻنڀرو دڙو
ٻنڌڻي
ٻوٽن وارا چٽ
ٻورڙيءَ واري مسجد ۽ روضو
ٻوھي وارو ڀڙو
ٻيڙيءَ وارو ڪوٽيرو
اڪبر بادشاهه جي ڄمڻ جو ھنڌ
اڪ پٽِي دڙو
اڪڙِي
اگهاماڻو-اگهم ڪوٽ
بڊاماڻي پنرو
الحَمرا
الور
ابراهيم حيدري
الهه بند
الھڏنو نل بازار
الهندو نارو
الھيو بندر
الياس محمد ڪلھوڙي جو مقبرو
امام بارگاهه2
برهمڻ آباد
ابل ويسر وارو دڙو
اَمراڻو
بزن جھڏو
آدم جي چوٽي
آدم خان مري جو مقبرو
آدم شاهه جو مقبرو
آدم شاھه جي ٽڪري
امير پير جي غار
اميرخاني قبرستان
امير سلطان محمد جو مقبرو
امير شاهه قاسم زمان جي مزار
اميناڻي
آڏت جو دڙو
اجنتا جون غارون
احدي جو ڀڙو
احمد آباد
آزاد منزل
احمد شاهه
آڏت / آڍاٽ جو دڙو
انگهه دڙو
آڍي خان ، ٻڍي خان جو مقبرو
آرام باغ
انڌي جي موري
انڙ ڪوٽ کيرئين ڪوٽ
انساني قدمن جا پنڊ پهڻ نشان
آسا پورا
ايراني پير نوندو ماڳ
آسڻ 2
آمري
آمري جو دڙو
آسورن جو دڙو
آسوڪا جي ٽڪري
آسيلي
بي ستون
آگياري
بيگم گلان جو مقبرو
بوهي جا قبا
ٺڪر جا ٿانو


.....قديم آثار موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن