آڏ اکر ڳجهارت - ڪتاب

آڏ اکر ڳجهارت - ڪتاب

آڏ اکر ڳجهارت

آڏ اکر ڳجهارت (ڪتاب ): هي ڪتاب جشن لعل سوماڻيءَ لکيو آهي، جيڪو 1988ع ۾ ليکڪ خود ڇپائي، بمبئيءَ مان پڌرو ڪيو آهي. ليکڪ هفتيوار ”هند واسي“ ۾ وقت به وقت ”آڏ اکر ڳجهارتون“ شايع ڪرائيندو رهيو. جنهن کان خوش ٿي مهاراشٽر سرڪار في ڳجهارت جي ڀڃڻيءَ تي 1000 رپيا انعام مقرر ڪيو ۽ هر ڀيري چئن کان پنج سئو ماڻهو هن آڏ اکري ڳجهارت جي مقابلي ۾ حصو وٺندا رهيا. ڪتاب جو ليکڪ مشهور وڪيل اصل لاڙڪاڻي جو جنم واسي ۽ نامياري شاعر ”بيوس“ جو شاگرد رهيو آهي، ليکڪ هنن آڏ اکري ڳجهارتن ذريعي نئين ٽهيءَ ۾ وندر سکيا ۽ جيون ۾ چاهه پيدا ڪرڻ جا کٽامٺا تجربا ڪيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو