داخلا جي تاريخ 2012-03-12
داخلا نمبر 2427
عنوان آڏواڻي ، پارپتي رام ڪرشن
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 602 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

آڏواڻي ، پارپتي رام ڪرشن

آڏواڻي، پارپتي رام ڪرشن: ليکڪا پارپتي رامڪرشن آڏواڻي 18 اپريل 1924ع تي، حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائي. بي.اي ڪرڻ کان پوءِ ايل.ايل.بي ۽ بي.ٽي ڪيائين. ادبي دنيا ۾ پاڻ کي ھڪ نثر نگار جي حيثيت سان متعارف ڪرايائين. سندس لکڻ جي خاص صنف مضمون ھئي. سندس رچنائون ٽڙيل پکڙيل آھن. گيتا تي، انگريزي ٻوليءَ ۾ 50 صفحن جي ٽيڪا لکڻ تي، سوامي ڄيٺانند وٽان کيس سونو ٻلو انعام ۾ مليو. ورھاڱي کان پوءِ ھندستان لڏي وئي، جتي گگن تارا، تلڪ نگر، بمبئيءَ ۾ رھائش اختيار ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.04.08  عيسوي

پارپتي رامڪرشن آڏواڻي 18 اپريل 1924ع تي ، حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون