داخلا ؛ 2411
پڙهيو ويو ؛ 1186
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2012-03-12


تصويرون


maharchand.jpg
آڏواڻي ڀيرومل مهر چند
آڏواڻي ڀيرومل مهر چند



ٽائيم لائين

1875.00.00-A.D
ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي ، 1875ع ڌاري حيدرآباد سنڌ ۾ آڏواڻي خاندان ۾ ديوان مهرچند آئل مل جي گهر ۾ پيدا ٿيو.

1953.00.00-A.D
ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي 1953ع ۾ وفات ڪئي.




sindhianaسنڌيانا--آڏواڻي ، ڀيرو مل مهرچند

ٽائيٽل ؛ آڏواڻي ، ڀيرو مل مهرچند


شاخ : شخصيت

آڏواڻي، ڀيرو مل مهرچند: سنڌي ٻوليءَ جو مشهور اديب عالم، فاضل، نالي وارو تاريخدان، ناول نگار، ناٽڪ نگار ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، 1875ع ڌاري حيدرآباد سنڌ ۾ -آڏواڻي- خاندان ۾ ديوان مهرچند آئل مل جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ثانوي -تعليم- حيدرآباد سنڌ جي مشهور اسڪول يونين اڪيڊميءَ ۾ ورتي، -جتي- هن ساڌو هيرانند شوقي رام -آڏواڻي- ۽ تاراچند آڏواڻيءَ کان ٻي -تعليم- وٺڻ سان گڏ شاهه جو ڪلام به پڙهيو. هن 20 سالن جي عمر ۾ سالٽ (لوڻ) ۽ ايڪسائيز کاتي ۾ 25 رپين تي سرڪاري نوڪريءَ سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. ڀيرو مل کي ساڌو هيرانند لاءِ ڏاڍي عزت هئي، جنهن جي مضمونن ۽ تاثرن جو ڪتاب ”هيري -جُون- ڪڻِيُون“ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيائين، جنهن ۾ هن هر مضمون کي هيري جي ڪڻيءَ سان ڀيٽي، ساڌو هيرانند کي سچو هيرو سڏيو آهي. -ان- کان سواءِ ننڍي عمر ۾ جنهن شخص ڀيرومل کي متاثر ڪيو، اهو ماستر مولچند ڇتواڻي هو، جنهن منجهس راڳ، شاعريءَ ۽ ڪتابن لکڻ لاءِ چاهه پيدا ڪيو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، پروفيسر ڪلياڻ -آڏواڻي- هڪ طرف کيس مٽي مائٽيءَ جي ڪري ويجها هئا ۽ ٻئي طرف ساڻن سندس ادبي دوستيءَ وارا لاڳاپا هئا. ڀيرو مل ايڪسائيز کاتي ۾ 28 سال نوڪري ڪئي، جنهن جو ڳچ حصو ماڙي پور لوڻ کاڻ (ڪراچي) ۾ گذاريائين، -جتي- سمنڊ ۽ خشڪيءَ رستي وڃي سگهبو هو. 1902ع ۾ سمنڊ ۾ اُٿل اچڻ سبب لوڻ کاڻ ٻڏي وئي. -ان- وقت ڪيترائي ڏينهن ڀيرومل کي جهنگ جي مريڙي تي گذران ڪرڻو پيو. نوڪر به ڪو نه هو، رستا به ٻڏل هئا. اهڙين ڏکين حالتن ۾ هڪ غزل لکيائين. هن کاتي ۾ ڪلارڪ مان -ترقي- ڪري انسپيڪٽر ٿيو. -ان- دوران هو سنڌ جي جدا جدا هنڌن بوبڪ، ڪوٽڙي ۽ ٻين علائقن ۾ رهيو ۽ ذري گهٽ سڄي سنڌ جو سير سفر به ڪيائين.
1924ع تائين سنڌ ۾ سنڌي رڳو مئٽرڪ تائين پڙهي ويندي هئي، ساڳئي سال بي. اي امتحان جي ڪورس ۾ سنڌي آزمائشي طور شروع ڪئي وئي هئي ۽ حيدرآباد واري ڪاليج ۾ بي. اي ڪرائي ويندي هئي. سنڌيءَ ۾ -تعليم- جو سڄو دارومدار ڪراچيءَ واري ڪاليج ۾ هو. 1924 واري پهرين ٽرم ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو، جيڪو ايم. اي پاس ڪري آيو هو. سو هڪ سئو رپين پگهار تي سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، پر سُتت هو صاحب ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ لاءِ انگلينڊ هليو ويو ۽ -ان- پوسٽ تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڀيرومل کي آڇ ڪئي وئي. هن جي من جو لاڙو اڳئي علمي ادبي ميدان طرف هو. ليڪچرار واري نئين نوڪريءَ واري پگهار جيتوڻيڪ -ان- وقت ايڪسائيز کاتي ۾ کيس ملندڙ پگهار کان گهٽ هئي، پوءِ به هن اها آڇ قبول ڪئي. نومبر 1924ع کان ڪراچيءَ جي ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. پاڻ لکي ٿو ته ”هڪ سئو رپيا ماهوار پينشن وٺي ايڪسائيز کاتو ڇڏي آيس، جو هيءُ ڪم منهنجي دل وٽان هو. بي. اي جي شاگردن ۾ سنڌيءَ لاءِ چاهه وڌايم ته پوءِ ڪاليج جي سڀني ڪلاسن ۾ سنڌي پيئي ۽ پنهنجي پورهئي کي سجايو سمجهيم“. هن سنڌي ٻوليءَ، سنڌ جي تاريخ، موهن جي دڙي، سنڌي هندن جي -تاريخ- سان گڏ ناٽڪ، ناول، -ٻاراڻو- ادب، خاص ڪري ٻاراڻي شاعري وغيره تي پنجاهه کان وڌيڪ ڪتاب لکيائين. پاڻ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي چئن ٿنڀن مان هڪ آهي، -جن- ۾ پرمانند ميوا رام، ڄيٺمل پرسرام ۽ مرزا قليچ بيگ اچي وڃن ٿا. ڀيرومل سنڌي گرامر جي اصولن ۽ قاعدن تي ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ (1925)، پهاڪن ۽ اصلاحن تي ”گلقند“ (1928)، (ٻه ڀاڱا) ڪتاب لکڻ کان سواءِ شاهه لطيف جي -ٽن- سُرن تي ”غريب اللغات (1907)“ نالي لغت تيار ڪئي. هن 1910 ۾ سماجي ريتن رسمن ۽ هندو مسلم نفرت ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ناول ”آنند سندريڪا“ لکيو (1910)“ -ان- کان سواءِ ”موهني -ٻائي- (1917)“ ۽ ”وريل ۽ نعمت (1915)“ سندس مشهور ناول آهن. هن ويدن، مهاڀارت ۽ ٻين ڪتابن کي ڀيٽي تاريخي ڪتاب ”قديم سنڌ“ لکيو، جيڪو 1957ع ۾ ڇپيو. سندس ڪتاب”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ اهم آهي، جيڪو 1931ع ۾ ڇپيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ هن وقت تائين -ان- جا ڪيترا ڇاپا شايع ڪيا آهن. هن جي ٻين اهم ڪتابن ۾ ”سنڌ جو سيلاني (1923)“، ”لطيفي سير“، ”سنڌ ۽ سنڌيت“، ”سوڍن جي صاحبي“، ”سنڌي هندن جي تاريخ“ (ٻه ڀاڱا)، ”موهن جو دڙو (1933)“،”آزادي جي ڪوڏي“، ”چونڊ نثر ۽ نظم“، ”بهار نثر“، ”دُرو ڀڳت“، ”تير اندازيءَ جي تاريخ“ ۽ ٻيا شامل آهن. ڀيرومل ٻارن جي -تعليم- ۽ وندر لاءِ ڪيترائي نظم ۽ گيت نه رڳو طبعزاد لکيا، پر انگريزيءَ مان به ترجمو ڪري ڇپايا. اهڙا ڪُل 16 شعر ”نوبهار“ نالي ڪتاب ۾ ڇپيل آهن، جنهن ۾ هن مرزا قليچ ۽ فرمان عليءَ جا ٻه -ٻاراڻا گيت- به شامل ڪيا آهن. -ان- کان سواءِ هن ”گولن جا گوندر“ ۽ ”حرص جو شڪار“ شيڪسپيئر جي ٻن ناولن جا سنڌي ترجما ڪري ڇپايا. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”گلزار نظم“ (1909) ۽ ”چونڊ ڪلام“ (1923) پڻ ڇپيل آهن.
سنڌ جو هي بي بها عالم ورهاڱي کان پوءِ سنڌ مان لڏي وڃي پوني (ڀارت) ۾ رهيو، -جتي- 1953ع ۾ وفات ڪيائين.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آڏواڻي ، ڀيرو مل مهرچند- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آڏواڻي ، ڀيرو مل مهرچند - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن