داخلا ؛ 2447
پڙهيو ويو ؛ 1533
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-12


تصويرون


kalyan-advani.jpg
ڪلياڻ آڏواڻي
ڪلياڻ آڏواڻي



ٽائيم لائين

1911.12.10-A.D
ڪلياڻ آڏواڻي مشهور عالم ۽ اديب 10 ڊسمبر 1911ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو.

1994.03.17-A.D
ڪلياڻ آڏواڻي 17 مارچ 1994ع ۾ ديهانت ڪري ويو.




sindhianaسنڌيانا--آڏواڻي ، ڪلياڻ

ٽائيٽل ؛ آڏواڻي ، ڪلياڻ


شاخ : شخصيت

آڏواڻي، ڪلياڻ: ڪلياڻ -آڏواڻي- مشهور عالم ۽ اديب 10 ڊسمبر 1911ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو، ورھاڱي کان پوءِ ڀارت ھليو ويو ۽ -بمبئي- ۾ وڃي رھيو. ھن جي -تحقيق- جو موضوع سنڌي زبان جا 3 باڪمال شاعر شاھ، سچل ۽ سامي رھيا. ورھاڱي کان اڳ سندس مقالا ۽ مضمون مخزن ڦليلي، رسالي ”سنڌ“ ۽ لطيف ٻاري ۾ شايع ٿيا. انھن کان سواءِ 1946ع ۾ سنسڪرت جي مشھور ڊرامه نويس ڪاليداس جي جڳ مشھور ڊرامي ”شڪنتلا“ جو ترجمو ڪيائين. جنھن تي کيس سنڌ سرڪار طرفان -انعام- مليو. ورھاڱي کان پوءِ سندس ٽي مشھور ڪتاب ڇپيا. -جن- ۾ ”شاھ“ (1951ع)، ”سامي“ (1953ع) ۽ ”سچل“ (1954ع) شامل آھن. ھنن ڪتابن ۾ شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي شعرن جو ڳوڙھو تنقيدي اڀياس ڏنو ويو آھي. 1958ع ۾ شاھ جو رسالو مرتب ڪيائين، جنھن ۾ ھر -بيت- جي معنيٰ ۽ سمجھاڻي -ان- -بيت- جي سامھون ڏنائين، جنھنڪري ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته -ان- کان اڳ شاھ جي رسالي جي سولي سمجھاڻي ڏنل نه ھئي ۽ ڪن رسالن ۾ ته مک لفظن جي معنيٰ به ڏنل ڪا نه ھئي. ھن رسالي تي مرتب ۽ محقق کي سنڌي ساھت منڊل -بمبئي- طرفان 1958ع ۾ گولڊ ميدل مليو، -ان- کان پوءِ ڪلياڻ -آڏواڻي- شاھ جو رسالو مڪمل صورت ۾ مرتب ڪري 1966ع ۾ ڇپايو. -ان- رسالي تي کيس 1967ع ۾ سنڌي سميلن بئنگلور طرفان گولڊ ميدل ڏنو ويو. سچل جي ڪلام جي سلسلي ۾ ڪتاب ”سچل“ کان سواءِ ٻيو ڪتاب ”سچل جو چونڊ ڪلام“ به لکيائين، جيڪو ساھتيه اڪادمي نئين دھلي 1979ع ۾ ڇپيو. مذڪوره ايوارڊن ۽ انعامن کان سواءِ 1968ع ۾ ساھتيه اڪادمي نئين دھليءَ طرفان ”شاھ جو رسالو“ تي کيس -انعام- مليو. 1970ع ۾ ڀارت سرڪار جي -تعليم- کاتي کيس روس ۽ فرانس جو دورو ڪندڙ ڊيليگيٽس ۾ شامل ڪري دوري تي موڪليو. اھا ڊيليگيشن صرف -ٽن- اديبن تي مشتمل ھئي، -ان- کانسواءِ ڪيترن ئي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تعليمي ادارن جو اعزازي ميمبر ٿي رھيو، -جن- ۾ ساھتيه اڪادمي دھليءَ جو سنڌي صلاحڪار بورڊ، ڀارتي گيان پيٺ جو سنڌي صلاحڪار بورڊ ۽ -بمبئي- ۽ پونا يونيورسٽين جي سنڌي شعبي جو بورڊ آف اسٽڊيز شامل آھن. ”شڪنتلا“ جي ترجمي کان پوءِ ڀارت ۾ 1973ع ۾ ديوان محي الدين جو فارسي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايائين. -ان- کان علاوه سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”راز و نياز“ 1960ع ۾ ڇپيو، جڏھن ته ”روحاني مشاھدا“ 1979ع ۾ ڇپيو.
ڪلياڻ آڏواڻيءَ -ان- کان علاوه ڪتابن جا مقدما ۽ مھاڳ به لکيا ۽ تنقيدي نوعيت وارا مضمون به تحرير ڪيائين، -جن- ۾ ”ميگھدوت“ (نانڪ رام ميرچنداڻي 1947ع)، ”ساميءَ جا سلوڪ“ (سامي/1947ع) ۽ ”سڪ جي سوغات“ (رام پنجواڻي/1959ع) شامل آھن.
تشريحي -تنقيد- ۾ ”شاھ جو رسالي جون تشبيھون“ (سنڌو/ فبيروري 1944ع)، ”سامي جي سلوڪن جون تشبيھون“ (سنڌو/ مئي 1944ع ۽ ”شاھ جو عاشقانه ڪلام“ (سنڌو/ سيپٽمبر 1946ع) شامل اٿس. جڏھن ته سوانح حياتي -تنقيد- ۾ ”سھڻو -انسان- عزيز“ (نئين دنيا/سيپٽمبر 1971ع) شامل آھن. ڪلياڻ -آڏواڻي- 17 مارچ 1994ع ۾ ديهانت ڪري ويو. ڏنل شاهه جي رسالي منتخب ۽ مفصل جا سنڌ ۾ ڪاٺياواڙ ڪتاب گهر، برهان ڪتاب گهر، روشني پبلڪيشن، سنڌي ساهت گهر وغيره ڪيترائي ايڊيشن ڇپايا آهن ۽ سنڌ ۾ سندس شاهه جي رسالي ڇاپي ۽ وڪري ۾ رڪارڊ ٽوڙيو آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آڏواڻي ، ڪلياڻ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آڏواڻي ، ڪلياڻ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن