آڙي

آڙي

آڙي

آڙي Coot / Fulica atra /: 40 سينٽي ميٽر جسامت واري هن آبي پکيءَ جا نر ماد هڪجهڙا ٿين ٿا. سڄو بُت ڪارو، چهنب ۽ پيشانيءَ تي اڇي چپتري پاپڙي ٿئيس ٿي. هيءَ بدڪ نه آهي، پر پاڻيءَ ۾ ترندي رهي ٿي. آڙيءَ کي پاسن کان ويڪريون هم سطح پاپڙيون آهن ۽ پير ڪونگ کان وڌيڪ سڌا ۽ ڪارگر ھوندا آهن. آڙي جڏهن پاڻيءَ تان اڏامندي آهي تڏھن ان کي هوا جي ڪلهن تي چڱيءَ طرح سان سوار ٿيڻ تائين پاڻيءَ تي پير هڻي ڊوڙڻو پوندو آهي. پر پوءِ ان جي اڏار ڏاڍي سٺي هوندي آهي. آڙي اڪثر کليل پاڻيءَ تي ايندي آھي ۽ سياري ۾ وڏا ولر ٺاهي رھندي ٿي.


لفظ آڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو