آکاڙو

آکاڙو

آکاڙو

آکاڙو: اُهو ميدان جتي پھلوان ملهه يا ڪُشتي جو مقابلو ڪن. ملاکڙي جي ميدان کي به آکاڙو چوندا آهن. ملاکڙو لفظ خود ملهه+ آکاڙو مان نڪتل آهي، يعني ملهن جو آکاڙو. پھلوانيءَ جي مظاهري لاءِ آکاڙي جو وجود تمام آڳاٽو آهي. خاص ڪري قديم بادشاهن جھڙوڪ روم، يونان، ايران، چين، جپان، منگولن، ترڪن ۽ قديم هندستان ۾ فوجي تربيت لاءِ جسم مضبوط ڪرڻ ۽ داءُ پيچ سکڻ سيکارڻ لاءِ هن شعبي کي گهڻي اهميت ملي، اڪثر بادشاهن ۾ بادشاهه پھلوانيءَ جي مظاهري لاءِ ٻن پھلوانن يا غلامن جو خوني مقابلو ڪرائيندا هئا. ڪن جنگجو رياستن ۾ غلامن کي شينھن، ڪتن يا ٻين جهنگلي جانورن جي مقابلي ۾ آکاڙي اندر لاٿو ويندو هو جنھن جي چوڌاري اسٽيڊيم وانگر ڪوٽ، ديوارو ۽ ويھڻ جو انتظام هوندو هو. هندستان ۾ ملهه جي آکاڙن جو احوال مھاڀارت ۾ به ملي ٿو. ملهه جي مقابلي کي ”مل يُڌ“ چوندا هئا، جن ۾ کترين جو هڪ طبقو مھارت حاصل ڪندو هو. پوءِ اهي ’مل‘ (ملهه) سڏيا ويا. ’ملهه يڌ‘ شري ڪرشن ۽ راجا ڪڻس جي وچ ۾ به ٿي، مھاڀارت ۾ ملهه جو ٻيو ذڪر شري ڪرشن ۽ راجا جامنت جي وچ ۾ مقابلي جي حوالي سان ملي ٿو. اهي واقعا دوارڪا، ڪڇ ۽ گجرات واري علائقي جا لڳن ٿا.


لفظ آکاڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو