داخلا ؛ 3505
پڙهيو ويو ؛ 600
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-21


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آکاڻي

ٽائيٽل ؛ آکاڻي


شاخ : واقعو

آکاڻي:آکاڻيءَ مان مراد واقعن جو تسلسل ٿئي ٿو، جنهن ۾ منظر، ڪردار ۽ واقعا شامل هجن. -آکاڻي- انساني زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ مختلف وارداتن، مشاهدن ۽ تجربن جي ترجمان آهي. آڳاٽي دؤر ۾ سنڌ ۾ آکاڻين جي رواج رهيو آهي، جيڪي مذهبي نوعيت جون ۽ سورمن جي ڪردارن تي مبني هيون. جنن، ديون ۽ پرين جا قصا آکاڻيون ليکجن ٿيون.
جديد زماني ۾ -آکاڻي- يا ڪهاڻي افساني کي چوندا آهن، جنهن ۾ ڪوبه واقعاتي قصو بيان ڪيل هجي. اصطلاحي طور -آکاڻي- اهو قصو آهي، جيڪو ٻاراڻي زندگيءَ ۽ ٻاراڻي دلچسپيءَ پٽاندر ڪردارن تي مبني تصوراتي افسانوي ليک هجي. -آکاڻي- ٻڌائڻ جو سلسلو تڏهن کان شروع ٿيو جڏهن -انسان- ڳالهائڻ سکيو، -ان- ريت ڪن شروع ۾ پاڻ سان يا قبيلي وارن سان پيش آيل واقعن کي ياد ڪري ٻين تائين پهچائڻ شروع ڪيو. پوءِ جڏهن اهي ٻڌل واقعا هڪ شخص کان ٻئي شخص تائين ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيا ته انهن افسانوي رنگ به اختيار ڪيو. -ان- ريت اهي قصا ڪهاڻيون ماضيءَ جي واقعن ۽ تجربن جو ذخيرو ٿيندا ويا. اڳتي هلي ڪي ماڻهو اهي قصا ياد ڪرڻ ۽ ڊرامائي انداز ۾ بيان ڪرڻ جا ماهر ٿي ويا. -ان- ريت -آکاڻي- جو فن اسريو ۽ دنيا جا بهترين قصا جهڙوڪ رامائڻ، مهاڀارت، الياد، اوديسي وغيره لکيا ويا.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آکاڻي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آکاڻي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


واقعو - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آپريشن ڪلين اپ
ارڙهن آڪٽوبر
انڙپور واري جنگ
آکاڻي
ٽنڊو بهاول سانحو
ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو واقعو
جليانوالا باغ واقعو


.....واقعو موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن