داخلا نمبر 3403
عنوان آڪاش انصاري ڊاڪٽر
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 844 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
ڊاڪٽر آڪاش انصاري

ڊاڪٽر آڪاش انصاري

آڪاش انصاري ڊاڪٽر

آڪاش انصاري، ڊاڪٽر:سنڌ جو مزاحمتي شاعر ۽ صحافي الهه بخش ”آڪاش“ انصاري، 25 ڊسمبر 1956ع ۾ بدين لڳ ڳوٺ ’ابل جي وسيءَ‘ ۾ ڄائو. شروعاتي ۽ ثانوي تعليم بدين مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ڪيائين. سندس شاعريءَ جو مجموعو ’ڪيئن رهان جلاوطن‘ چار ڀيرا ڇپجي ادبي حلقن ۾ وڏي مقبوليت ماڻي چُڪو آهي. سندس شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ”اڌورا اڌورا“ عنوان سان گلشن پبليڪيشن حيدرآباد ڇپايو آهي. سندس شاعريءَ ۾ رومانويت سان گڏ مزاحمت جو رنگ نمايان آهي، خاص طور تي سندس نظم، نوجوانن ۾ انتهائي مقبول آهن. پاڻ صحافت وارو پيشو پڻ اختيار ڪيائين. روزاني ’سوال‘ اخبار جو چيف ايڊيٽر به رهيو آهي. ان جي بند ٿيڻ کان پوءِ هن وقت بدين ۾ ڊاڪٽري ڪرڻ سان گڏ هڪ NGO سان لاڳاپيل آهي. شاهه لطيف تي چڱي ڄاڻ رکي ٿو ۽ علمي ادبي ميڙ ڪرائڻ جو شوقين آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.12.25  عيسوي

” آڪاش “ انصاري ، 25 ڊسمبر 1956ع ۾ بدين لڳ ڳوٺ ’ ابل جي وسيءَ ‘ ۾ ڄائو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون