داخلا نمبر 3887
عنوان آڪٽوبر
شاخ مهينو
پڙهيو ويو 369 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

آڪٽوبر

آڪٽوبر (October ):آڪٽوبر انگريزي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لاطيني زبان ۾ لغوي معنيٰ آهي: ”اَٺ“، جنهن کي غلط ترتيب مطابق يورپين جي ڪئلينڊر جون ڏهون مهينو سڏيو وڃي ٿو، جيڪو مقرر 31 ڏينهن جو ٿئي ٿو. تاريخي اعتبار کان معلوم ٿئي ٿو ته اطالوين جو هي مهينو عيسوي سال جي شروعاتي مهينن جيان نه ڪنهن ديوتا جي نالي سان مشهور آهي ۽ نه وري ڪنهن شخصيت ڏانهن منسوب ٿيل آهي. قدامت جي لحاظ کان صرف مفهوم موجب ترتيب ڏنل هو. کيس سيپٽمبر جيان پنهنجي انهيءَ حقيقي حيثيت (قديم ترتيب مطابق اَٺين نمبر) تي قائم رکڻ بجاءِ، هينئر ڏهين نمبر تي آندو ويو آهي، جيڪو معنيٰ جي لحاظ کان سراسر غلط ترتيب ۾ رکيل آهي. اڪثر ڪري هي مهينو سرءُ جي مند ۾ ايندو آهي. جنهن ڪري وڌيڪ تپاولي پڻ ٿيندي آهي. رومي هن مهيني ۾ محتاط رهندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

مهينو - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسو
بڊو
اپريل
آکاڙ
آگسٽ
آڪٽوبر
جنوري
جولاءِ
جُون
مهينو ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون