اگاڻي ملڪ

اگاڻي ملڪ

آگاڻي ملڪ

آگاڻي، ملڪ: ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ملڪ آگاڻي جو پورو نالو ملڪ داد آگاڻي آهي. هن پهرين جنوري 1951ع تي ڳوٺ آگاڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ملڪ آگاڻي ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي مان ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪئي. هيءُ تعليم کاتي ۾ استاد هو. سندس تعلق جيتوڻيڪ غريب گهراڻي سان هو پر سدائين وڏيرن سان ٽڪراءُ ۾ رهندي حق جو طرفدار رهيو. شروع ۾ ناليواري ڪهاڻيڪار ڪيهر شوڪت، نثار آگاڻي ۽ شبير ميراڻيءَ سان صحبت ٿيس، جنهن سبب پهرين ايس. ايس. يو، مارئي سوشل ويلفيئر ۽ ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ رهيو. ون يونٽ واري هلچل ۽ ٻوليءَ وارن وڳوڙن دوران قومي ڪردار ادا ڪرڻ سبب جيل ياترائون به ڪيائين. پهرين جولاءِ 1972ع واري ڏينهن کي ’يوم نجات‘ طور لاڙڪاڻي جي تجرباغ (هاڻوڪو جناح باغ) ۾ ملهرايائين. ملڪ آگاڻي 1972ع کان 1977ع تائين عوامي تحريڪ ۾ سرگرم رهيو. انهيءَ دوران رسول بخش پليجي، فاضل راهو ۽ ٻين سان گڏجي سرگرميءَ سان ڪم ڪيائين. اڳتي هلي سياست کي هميشه لاءِ خيرآباد چئي ادب جي دنيا ڏانهن آيو. ملڪ آگاڻي لکڻ جي شروعات 1972ع ۾ هڪ ڪهاڻي لکڻ سان ڪئي هئي. جنهن بعد ناول، ڊراما وغيره به لکيائين. هن پنجاهه کان وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون. سندس هڪ ناول ’نيروليءَ جو ڪن‘ 1987ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ هن سنڌ جي سياست ۽ سياسي شخصيتن کي بحث هيٺ آندو. سندس هڪ ٻيو ناول ’سج جا پاڇا‘ 2005ع ۾ شايع ٿيو. ان کانسواءِ سندس ترجمو ڪيل: مائوزيتنگ جي ’هونان هاري رپورٽ‘، ’هارين جي بغاوت‘ جي نالي سان شايع ٿيل آهي. ملڪ آگاڻيءَ جا ڪهاڻين، ناولن ۽ شاعريءَ تي مشتمل ڪيترا ڪتاب اڻ ڇپيل حالت ۾ پونئيرن وٽ موجود آهن. سنڌ جي هن منفرد ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار کي ڳوٺ جي مقامي وڏيرن پٽ سميت، 12 نومبر 2002ع تي قتل ڪرائي ڇڏيو. سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ آگاڻيءَ جي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.01.01  عيسوي

ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ملڪ آگاڻي جو پورو نالو ملڪ داد آگاڻي آهي . هن پهرين جنوري 1951ع تي ڳوٺ آگاڻي ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو .


2002.11.12  عيسوي

سنڌ جي هن منفرد ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ملڪ آگاڻي کي ڳوٺ جي مقامي وڏيرن پٽ سميت ، 12 نومبر 2002ع تي قتل ڪرائي ڇڏيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه محمود قريشي
ايڇ ٽي لئمبرڪ
بابل خان جکراڻي
بڪيرائي مراد علي شاهه
روچيرام ڪامريڊ
اسماعيل چانڊيو
امين اڏيرائي
ايشور ڀارتي
دائود مخدوم
پرويز احمد کوکر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون