داخلا ؛ 3521
پڙهيو ويو ؛ 607
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-22


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آگرا

ٽائيٽل ؛ آگرا


شاخ : ذات

آگرا: مسلمانن جي ھڪ ذات جو نالو، جيڪي اڪثر سڄيءَ سنڌ ۾ آھن، ھڪ روايت موجب اصل ۾ اُهي آھن + گر يعني’لوھار‘ آھن، سنڌ ۾ رھندڙ لوھارن پاڻ کي ’آڳڙيا‘ يا ’لوھار‘ چوايو پر ٻاھران -ايران- ۽ -افغانستان- مان آيل ڪاريگرن پاڻ کي ’آھنگر‘ سڏايو، جيڪي سنڌ ۾ اڳتي ھلي ’آگرا‘ مشھور ٿيا.
ٻيءَ روايت موجب جيئن ته لوهار آڳ تي لوهه تپائي تلوارون ۽ ٻيا هٿيار يا -اوزار- تيار ڪندا هئا -ان- ڪري صحيح لفظ آڳرا يا -آڳڙيا- آھي، پر اڳوڻي زماني ۾ فارسيءَ ۾ لکڻ سبب -آگرا- ٿي ويو، ڇو ته فارسيءَ ۾ ’ڳ‘ جو اچار نه ٿيندو آھي. آڳ يا باھ جو ڪم ڪرڻ سبب کين -آڳڙيا- / آڳرا سڏيو ويو. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ به رسالي ۾ انھن جو ذڪر ڪيو آھي:
”اڄ -آڳڙيا- آئيا، سوڌا سراڻي“
آگرا سماٽ آھن، ڪجھه عرصو اڳ انھيءَ ذات مان مخدوم محمد دائود -آگرو- وڏو عالم ٿي گذريو آھي. ڪنڊياري تعلقي ۾ ڳوٺ محمد خان -آگرو- ھن ذات جو مرڪز آھي. مشھور اديب، ڪھاڻيڪار، -پاڪستان- اڪيڊمي آف ليٽرس جو اڳوڻو چيئرمين ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو اڳوڻو سيڪريٽري غلام رباني -آگرو- پڻ هن ڳوٺ جو رهواسي آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آگرا- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آگرا - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ذات - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغائي سيد
باکڙا
بالاچ
بالادي
بانڪا
ٻاٽ (ذات)
ٻاٽ
آٿيلا
بجير
ٻاچڙا
ٻارا
ٻاراچ
ٻارڻ (ذات)
ٻاروپار
ٻاگھل
ٻاگھل (ذات)
ٻانڀڻ (ذات)
ٻانڌي (ذات)
ٻانها
ٻائيتال (ذات)
ٻٽ
ٻٽ سرائي
ٻٽ سرائي (ذات)
ٻٽوڙ
ٻپڙ
ٻپڙا
ٻجورا
ٻچڙا
ٻڌ (ذات)
ٻڍاڻي (ذات)
ٻرڙا
ٻرهام
ٻگهيا
ٻلال
ٻليداڻي
ٻنڀا
ٻوچ
ٻوچيا
ٻوڍا
ٻور پوٽا
ٻوڙاڻا
ٻوسڻ
ٻوهڙا
ٻوهيا
ٻهڙ (ذات)
ٻياپرايا
ٻيٽا
ٻيجل (ذات)
اعواڻ
بدين پوٽا
اگهم
اگهيم
اڱاريا
بروٿا
بروهي
آچرا
برهماڻي
آبڙيجا
بزگر
امرناڻي
امروهي2
اتمچنداڻي نک
اُتم سنگهه نک
آرائين (ذات)
اڇوت
اَحمداڻي
آريجا
آريسر
آڏواڻي
انبواڻي
انڍڙ
انڙ
بڪيجا
بڪيرا
اڍيجا
اڍيجاڻي
بلا (ذات)
آسواڻي
آهوجا
آئلاڻي
آئلسنگاڻي
بهراڻي
بهليم
بهمڻ
بهڻ
بمرا
بنبل
آگاڻي
آگرا
بوڌاري
بوڌيا
بوزدار
بوهڙ
اوڍا
اوڍا1
اوڍاڻا
اوڍر
اوستا
ابڙيجا
اڍا


.....ذات موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن