داخلا نمبر 3529
عنوان آگرو غلام رباني
شاخ اديب
پڙهيو ويو 1000 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
غلام رباني آگرو

غلام رباني آگرو

آگرو غلام رباني

آگرو، غلام رباني:ناميارو سنڌي اديب ۽ ڪهاڻيڪار، غلام رباني آگرو، تعلقي ڪنڊياري جي ڳوٺ ’محمد خان آگري‘ ۾ 5 نومبر 1933ع تي ڄائو. شروعاتي تعليم پنهنجي پيءُ کان ورتائين، جيڪو ان وقت تعليم کاتي ۾ استاد هو ۽ تعليم کاتي نوابشاهه ۾ انسپيڪٽر مقرر ٿيو. رباني صاحب 1951ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان نوشهري فيروز مدرسي هاءِ اسڪول مان پاس ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد هليو آيو، جتي گورنمينٽ ڪاليج ڦليليءَ ۾ ٻه سال تعليم ورتائين. ان کان پوءِ پاڻ ڪراچيءَ هليو آيو، جتي آرٽس ۾ بي. اي ڪيائين.
رباني صاحب لکڻ جي شروعات 54-1953ع ڌاري ڪئي. اول ماهنامي ’نئين زندگيءَ‘ ۾ جوائنٽ ايڊيٽر ٿيو ۽ پوءِ 1959ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 5 سالن کانپوءِ 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرو وائيس چانسلر مقرر ٿيو، تڏهن شيخ اياز وائيس چانسلر جي عهدي تي هو. 1980ع ۾ رباني صاحب واپس سنڌي ادبي بورڊ موٽي آيو، جتي هن پنهنجي عهدي سنڀالڻ سان گڏ روزاني هلال پاڪستان ۾ ”سنڌي ڪلچر: پس منظر ۽ پيش منظر“ جي سلسلي جا مضمون لکيا. سندس 1954ع کان 1960ع تائين لکيل ڪهاڻيون، ’آبِ حيات‘ جي نالي سان ٽي دفعا ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. 1984ع جي آخر ۾ هو اڪادمي ادبيات پاڪستان، اسلام آباد جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو، جتي 6 سالن کان پوءِ کيس چيئرمئن جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. انهيءَ عرصي دوران کيس لاهور ۾ مرڪزي ادبي بورڊ (جنهن کي هاڻي اردو سائنس بورڊ چيو وڃي ٿو) ۽ اسلام آباد ۾ نئشنل انسٽيٽيوٽ فار ڪلچر ائنڊ ريسرچ ادارن جون اضافي ذميواريون پڻ ڏنيون ويون.
رباني صاحب، اسلام آباد ۾ چيئرمئن اڪيڊمي آف ليٽرس رهڻ کان پوءِ، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ٿيو ۽ 1996ع ۾ اتان رٽائر ڪيائين. کيس حڪومتِ پاڪستان طرفان ’تمغه امتياز‘ جو اوارڊ ڏنو ويو ۽ صدر پاڪستان کيس الڳ ’حسنِ ڪارڪردگيءَ‘ جو اوارڊ پڻ ڏنو. رباني صاحب، سارڪ ملڪن جي ڪلڪتي ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۽ ڍاڪا ۾ پاڪستان جي وفدن جي قيادت ڪري چڪو آهي، ۽ ٻه دفعا چين ۾ ۽ ٻه دفعا ايران ۾ پاڪستاني اديبن جي وفدن جي پڻ قيادت ڪئي اٿس.
رباني صاحب جي ڪن ڪهاڻين جا، هندستان ۽ پاڪستان جي مکيه ٻولين مثلاً: اردو، هنديءَ، مرهٽيءَ، پنجابيءَ ۽ گجراتيءَ کان سواءِ انگريزيءَ، چيني ۽ جرمن زبانن ۾ به ترجما ٿي چڪا آهن. چيئرمئن اڪيڊمي آف ليٽرس جي زماني ۾ سندس پاڪستان جي مکيه اديبن ۽ شاعرن سان ملاقاتون ٿيون. سنڌ جي مکيه اديبن ۽ عالمن جي خاڪن تي مشتمل سندس ڪتاب ’جهڙا گل گلاب جا‘، سنڌي ادبي بورڊ، ٻن جلدن ۾ شايع ڪيو آهي. ان کان سواءِ پاڪستان جي ٽن برگزيده شخصيتن ۽ اهل الله، قلندر لعل شهباز رح،
پير سائين محمد راشد روضي ڌڻيءَ رح ۽ غوث بهاءُ الحق ملتاني رح جي سوانح ۽ تعليمات تي مشتمل سندس ڪتاب ’سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ‘ ٽي سال اڳ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. سندس انٽرويو چين جي ممتاز اخبار ’پيپلز ڊيليءَ‘ ۾ شايع ٿيا آهن، جڏهن ته ڪجهه ٻيا انٽرويو ريڊيو وائيس آف آمريڪا تان پڻ نشر ٿيا. انگلينڊ جي مشهور محقق ڊيوڊ چيئرمن، ڪئناڊا جي محقق ڊاڪٽر مئڪلين ۽ جرمنيءَ جي عالم خاتون ڊاڪٽر ائينيمري شمل پنهنجي لکيل ڪتابن ۾ رباني صاحب جي ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن. رباني صاحب ڪجهه سال اڳ ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو ۽ آخري وقت ۾ حيدرآباد ريجنل آفيس جو محتسب هو. هن 18 جنوري 2010ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي ۽ کيس اباڻي ڳوٺ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.11.05  عيسوي

غلام رباني آگرو ، تعلقي ڪنڊياري جي ڳوٺ ’ محمد خان آگري ‘ ۾ 5 نومبر 1933ع تي ڄائو .


2010.01.18  عيسوي

غلام رباني آگرو 18 جنوري 2010ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻلديو مٽلاڻي
اسماعيل شيخ
امر جليل
اتم اي جي
انعام شيخ
ارباب نيڪ محمد
آسانند مامتورا
بيدل مسرور
آگرو غلام رباني
بهاري لعل ڇاٻڙيا
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون