داخلا ؛ 3502
پڙهيو ويو ؛ 951
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-21


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آگسٽ

ٽائيٽل ؛ آگسٽ


شاخ : مهينو

آگسٽ: عيسوي سن جو اٺون مهينو، جنهن تي اهو نالو، رومين جي مشهور -بادشاهه- آگسٽس (63 ق.م 14 ق.م) سبب پيو. جيئن ته رومي -بادشاهه- آگسٽس نهايت ايماندار ۽ انصاف پسند هوندو هو. تنهن ڪري روم جو عوام منجهانئس ڏاڍو خوش هوندو هو ۽ هن سان گهڻي محبت ۽ عقيدت رکندو هو. رومين هن کي آگسٽس يعني ”مقدس يا محترم“ جو لقب ڏئي ڇڏيو. انهيءَ لقب پٺيان، عيسوي سال جي اٺين مهيني تي، -آگسٽ- نالو رکي، رومي عوام پنهنجي عظيم شهنشاهه کي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو.
آگسٽس جو اصل نالو آڪٽيوين (Octavian us) هو ۽ هو جوليس سيزر جو ڀاڻج هو ۽ سيزر جي قتل بعد روم جو -بادشاهه- ٿيو. هن روم ملڪ کي تمام گهڻي -ترقي- وٺرائي. هن جي دور ۾ تعميرات کي فروغ حاصل ٿيو.
جيئن ته ڏينهن جي حساب سان، -جولاءِ- مهيني ۾ 31 ڏينهن ٿي آيا ۽ -آگسٽ- مهيني ۾ 30 ڏينهن پئي ٿيا. جيڪا ڳالهه رومي عوام کي پسند نه آئي. هنن ڇا ڪيو جو سيپٽمبر مهيني جي 31 ڏينهن مان هڪ ڏينهن گهٽائي، -آگسٽ- ۾ آڻي، -ان- کي 31 ڏينهن وارو مهينو بنائي، پنهنجي عقيدت ۽ شهنشاهه جي وڏائيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو. هنن کي اها ڳالهه پسند ئي نه پئي آئي، ته -آگسٽ- جو مهينو، -جولاءِ- (جوليس سيزر جي نالي سان منسوب ٿيل مهينو) مهيني کان گهٽ هجي. -ان- کان سواءِ اها ڳالهه به مشهور آهي، ته شهنشاهه آگسٽس، سال جي اٺين مهيني ۾ نهايت سٺا ۽ عوامي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا هئا. انهيءَ مهيني ۾ مصر جي فتح ٿي، رومي ڪائونسل جي تشڪيل ٿي ۽ روم طويل -جنگ- جي خاتمي سبب مشهور ٿيو. انهيءَ ئي مهيني ۾ ادب، آرٽ، موسيقي ۽ شاعريءَ کي -ترقي- ملي. تعميرات کي عروج حاصل ٿيو. -آگسٽ- مهيني ۾ ڌرتيءَ جي اڌ حصي تي ڏينهن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿينديون آهن، جڏهن ته باقي اڌ حصي تي ڏينهن وڏا ۽ راتيون ننڍيون ٿينديون آهن. هن مهيني ۾ برساتون به خوب پونديون آهن. درياهه موجن ۾ هوندا آهن.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آگسٽ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آگسٽ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


مهينو - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اسو
بڊو
اپريل
آکاڙ
آگسٽ
آڪٽوبر
جنوري
جولاءِ
جُون


.....مهينو موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن