آڱرين جو اٺ هلائڻ

آڱرين جو اُٺ هلائڻ (راند ):ٻارڙن جي وندر لاءِ راند، مائٽ ٻنهي هٿن جي پٺن کان ٻيانگڙين ۾ وجهي پوءِ مُٺيون ابتيون ڪندو ته ٻٽو مُڪو ٺهي پوندو. ان ٻٽي مُڪي کي مٿي اُڀو جهلي ان مان اڳيان ٻيئي ڏسڻيون آڱريون ٻاهر ڪڍي اُڀيون ڪري انهن جون چوٽيون پاڻ ۾ ملائبيون ۽ پٺيان به ٻئي چيچون ڪڍي انهن جون چوٽيون پاڻ ۾ گڏبيون، پوءِ ٻار کي چوندو ته هي ٻيئي اُٺَ آهن. ”تون ڪهڙو ٿو کڻين؟“ ٻار جي چوندو ”اڳيون“، ته پاڻ چوندو: ”منهنجو اُٺ پويون آهي.“ پوءِ ٻيئي گڏيل چيچون هيٺ مٿي ڪري چوندو: ”منهنجو اُٺ هلي پيو، پپوءَ جو اُٺ بيٺو آهي.“ اهي لفظ ٻڌي ٻار جي هانءَ تي مونجهارو ٿيندو، اهو محسوس ڪري وري اڳيون آڱريون هيٺ مٿي ڪري چوندو: ”پپوءَ جو اُٺ هلي پيو، منهنجو اُٺ بيٺو آهي.“ ٻار خوش ٿيندو، وري ٻيئي جوڙ آڱرين جا هلائي چوندو: ”ٻيئي اُٺ، پيا هلن.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو