آڳ گاڏي ٽنڊي جي

آڳ گاڏي ٽنڊي جي (راند ):هيءَ راند ٽي ٻار ڪندا آهن، جن مان ٻه اوڪڙو ٿي ويهندا. هڪڙو ڄڻو کٻو هٿ وات تي رکي ڪندو: ”آ-وا-وا-هپي،“ ائين چئي، اهو هٿ پنهنجي ساڄي ٻانهن جي ڏوري کي ڀچائي جهلڻ ۾ روڪيندو. وري مخالف سامهون ويٺل ٻار پنهنجو ساڄو هٿ ”آ- وا- وا- هپي“، چئي. پنهنجي کاٻي ڏوري کي سوگهو جهلڻ سان روڪيندو، تنهن کان پوءِ پهريون ٻار هاڻ پنهنجو ساڄو هٿ وات تي رکي ”آ- وا-وا هپي“ چئي، سامهون ٻار جي ساڄي ڪلهي کي پڪڙي جهليندو، ان کان پوءِ ٻيو ٻار پنهنجو کاٻو هٿ وات تي آڻي ٽپري ٽپري چوندو: ”آ-وا-وا-هپي.“ اهو هٿ پهرئين ٻار جي ساڄي ڪلهي تي ڀچائي رکندو. هاڻ ٽيون ٻار (هنن جي ٻانهن جي رکڻ سان جيڪي ٽي خال ٺهيا هڪ هڪ سيني جي ڀر ۾ ۽ ٽيون وچ ۾) هڪڙي ٽنگ هڪڙ: ٻار جي سيني واري خال ۾ ٻي ٽنگ ٻئي سيني واري خال ۾ وجهي وچ واري خال تي تاڏو ٿي ويندو، پوءِ هو ڳنڍيل ٻئي ٻار اُٿندا ۽ چوندا هلندا: ”آڳ گاڏي ٽنڊي جي، آڳ گاڏي ٽنڊي جي“ پوءِ مقرر ڪيل دنگ تائين ان کي ٻانهن تي کڻي اتي لاهيندا، اتان وري لٿل ٻار: ”آ-وا-وا-هپي“ چئي جُتبو ۽ ٻيو ٻار مٿان چڙهندو اهڙي ريت واري تي ٽيئي چڙهي پيا راند ڪندا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو