داخلا ؛ 3541
پڙهيو ويو ؛ 425
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-22


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو

ٽائيٽل ؛ آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو


شاخ : نسخو

آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو: شاهه عبداللطيف جي رسالي جو هڪ آڳاٽو قلمي نسخو، جنهن جا فقط 46 ورق دستياب ٿيا آهن. هيءُ رسالو ڪڏهن لکيو ويو، -ان- جو سن معلوم ڪونهي. ڪاغذ ۽ صورتخطيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ رسالو آڳاٽو لکيل آهي. هن نسخي ۾ 17 سُر، 468 -بيت- ۽ 17 ڪافيون شامل آهن. پهريون سُر ”سسئي“ آهي. سرن ۾ آيل بيتن ۽ انهن جي ترتيب مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ هڪ -انتخاب- آهي. موجوده ورقن ۾ ڪٿي به ڪتابت جو سن يا ڪاتب جو نالو لکيل ناهي. هن ۾ ’سُر سسئي‘ هيٺئين -بيت- سان شروع ٿئي ٿو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ’سُر سسئيءَ‘ سان شروع ٿيندڙ رسالن ۾، هن جي روايت الڳ آهي:
”سڏ مَ ڪر سڏڻ ري، هلڻ ري مَ هل،
جلڻ ري مَ جَل، رئڻ ريءَ متان رُئين.“
هن ۾ ’سُر جکرو‘ هڪ نئون عنوان آهي، جنهن هيٺ ’سُر بلاول‘ وارا -بيت- قلمبند ٿيل آهن. ’سر وهاڳ‘ ۽ سُر پرڀاتي‘ جدا جدا ڪري لکيل آهن، حالانڪ ٻنهي سُرن هيٺ ’سُر پرڀاتيءَ‘ جا -بيت- شامل آهن. ’سُر متفرقات‘ جي عنوان سان سهڻيءَ، سسئيءَ ۽ مارئيءَ جي سُرن جا -بيت- لکيل آهن. ’وائيءَ‘ کي هر جاءِ ’ڪافي‘ ڪري لکيو ويو آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو - مان نڪتل ٻيون شاخون-


نسخو - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو
آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو2
آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو 3


.....نسخو موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن