داخلا ؛ 3542
پڙهيو ويو ؛ 384
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-22


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو2

ٽائيٽل ؛ آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو2


شاخ : نسخو

آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو2: شاهه عبداللطيف جي رسالي جو هيءُ ٻيو نسخو آهي، هن جي ڪتابت جو سن وغيره ڄاڻايل ناهي. تحرير آڳاٽي آهي. هن نسخي جا فقط 43 ورق دستياب ٿيا آهن، -جن- ۾ 5 سُر (سرود ڪلياڻ، سر راڳ، سامونڊي، -توڏي- ۽ سرود سسئي)، 316 -بيت- ۽ 17 وايون شامل آهن. فقط ’سرود سامونڊي‘ سڄو سربستو موجود آهي، جنهن ۾ شامل بيتن جي ترتيب توڙي ’سرود ڪلياڻ‘ ۽ ’سرود توڏي‘ (سهڻي) هيٺ ڏنل بيتن جي ترتيب ’برٽش ميوزيم‘ واري نسخي سان ملي ٿي، جنهن مان گمان ٿئي ٿو ته هيءُ رسالو جيتوڻيڪ وچئين دور وارن رسالن مان آهي (جيڪي ’سر ڪلياڻ‘ سان شروع ٿين ٿا ۽ هن ۾ پڻ ’سرود ڪلياڻ‘ جدا بيٺل آهي)، مگر هن جي ترتيب ’گنج‘ رسالي جي بدران برٽش ميوزيم واري نسخي مطابق آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو2- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو2 - مان نڪتل ٻيون شاخون-


نسخو - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو
آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو2
آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو 3


.....نسخو موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن