داخلا نمبر 2888
عنوان ائينيمري شمل ڊاڪٽر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1058 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
ائينيميري  شمل

ائينيميري شمل

ائينيمري شمل ڊاڪٽر

ائينيمري شمل، ڊاڪٽر: جرمنيءَ جي مشهور خاتون مستشرق ائينيمري شمل 1922ع ۾ پيدا ٿي. برلن يونيورسٽيءَ ۾ عربي، فارسي، ترڪي زبانن ۽ اسلامي علوم ۽ فنون جو مطالعو ڪيائين. اوڻٽيهن سالن جي عمر ۾ اسلاميات ۾ ڊاڪٽريٽ ڪيائين. ٻي جنگ عظيم دوران دفتر امور خارجه ۾ مترجم رهي. 1951ع ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ورتائين. 1954ع ۾ انقره يونيورسٽي وئي ۽ اتي تاريخ ۽ مذهب جي پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. 1961ع ۾ برلن يونيورسٽيءَ ۾ ۽ 1967ع ۾ هارورڊ يونيورسٽيءَ جي شعبي ”مسلم تهذيب“ ۾ پروفيسر رهي. 1965ع ۾ هن جي خدمتن جي اعتراف طور حڪومت پاڪستان طرفان کيس ”ستاره قائداعظم“ سان نوازيو ويو. 1982ع ۾ حڪومت پنجاب، لاهور جو هڪ خوبصورت روڊ هن جي نالي سان منسوب ڪيو.
ڊاڪٽر شمل علامه اقبال جو خصوصي مطالعو ڪيو آهي ۽ کيس جرمن زبان جي ذريعي يورپ ۾ متعارف ڪرايو آهي، ۽ سنڌي ادب تي به متعدد تنقيدي ڪتاب لکي چڪي آهي. سندس هڪ ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، پروفيسر ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ، ”سنڌي ادب جي ارتقا“ جي نالي سان ڪيو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو ڪجهه حصو جرمنيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو اٿس. شاهه لطيف ۽ تصوف تي کيس اٿارٽي مڃيو ويو آهي. 1983ع ۾ صدر پاڪستان طرفان هن کي ”هلال امتياز“ جو اعزاز ڏنو ويو. ڊاڪٽر شمل صاحبه پنهنجي وصيت ۾ ڄاڻا يو هو ته کيس مرڻ کان پوءِ مڪليءَ جي قبرستان ۾ سنڌ جي عظيم دانشور پير حسام الدين شاهه راشديءَ جي ڀر ۾ دفن ڪيو وڃي. پر ائين ٿي نه سگهيو، کيس وفات کانپوءِ جرمنيءَ ۾ ئي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. البت پير حسام الدين جي مزار وٽ ائنيميري شمل جي علامتي قبر جي تختي لڳائي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو