ائٽلانٽڪ سمنڊ

ائٽلانٽڪ سمنڊ

ائٽلانٽڪ سمنڊ

ائٽلانٽڪ سمنڊ: دنيا جي وڏن سمنڊن مان هڪ جو نالو ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي، جنهن کي عربي ۾ ”بحر اوقيانوس“ سڏيو وڃي ٿو. هي پئسفڪ وڏي سمنڊ کانپوءِ دنيا جو ٻيو نمبر وڏو سمنڊآهي. هن جي پکيڙ 31,830,000 ڪروڙ چورس ميل (166,240,000 چورس ڪلوميٽر) آهي. ان ۾ هن سان لاڳاپيل ٻين سمنڊن جي پکيڙ به شامل آهي. ڌرتيءَ جي 5/1 حصي تي اهو سمنڊ پکڙيل آهي. جڏهن ته دنيا ۾ سامونڊي ايراضيءَ جي لحاظ کان اٽڪل 23.9 سيڪڙو ايراضي والاري ٿو. هن سمنڊ جي وڌ ۾ وڌ ويڪر 8 هزار ڪلوميٽر آهي. جڏهن ته ننڍي ۾ ننڍي ويڪر جيڪا برازيل ۽ آفريڪا کنڊ جي وچ ۾ آهي، سا 2700 ڪلوميٽر اٿس. اتر ۽ ڏکڻ قطب تائين هن سمنڊ جي ڊيگھه 15 هزار ڪلوميٽر آهي. هن سمنڊ تي ائٽلانٽڪ نالو آفريڪا کنڊ جي اتر-اولهه واري ائٽلس (Atlas) جبل سبب پيو. جيڪو ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ سان لاڳاپيل اوڀر ۾ آهي. جڏهن ته بيفن اُپسمنڊ (Baffin Bay)، هڊسن اُپسمنڊ، سينٽ لارينس نار (Lawrence St. Gulf)، ميڪسيڪو نار ۽ ڪيربين سمنڊ اولهه ۾ اٿس. خط استوا وسيلي، هيءُ سمنڊ ٻن مکيه ڀاڱن يعني اتر ائٽلانٽڪ ۽ ڏکڻ ائٽلانٽڪ ۾ ورهائجي ٿو.
ائٽلانٽڪ سمنڊ جي وڌ ۾ وڌ گھرائي، پورٽيروڪو ٽرينچ (Puerto Rico Trench) وٽ آهي. جيڪا 30,249 فوٽ ٿئي ٿي. هيءُ سمنڊ اوڀر ۾ آفريڪا ۽ يورپ کنڊ ۽ اولهه ۾ ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا کنڊن تائين پکڙيل آهي. هن سمنڊ کي دنيا جي سڀني سمنڊن ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. هن سمنڊ ۽ ساڻس لاڳاپيل ننڍن ننڍن سمنڊن تي دنيا جا وڏا وڏا تجارتي بندرگاهه موجود آهن. اهي سڀئي بندرگاهه هن سمنڊ وسيلي هڪٻئي سان واپاري ناتن ۾ جڪڙيل آهن. هن سمنڊ ۾ دنيا جا وڏا وڏا ٿڌا ۽ ڪوسا وهڪرا پيدا ٿيندا رهندا آهن، جن جو دنيا جي اڪثر ملڪن جي آبهوا تي اثر پوندو آهي.


لفظ ائٽلانٽڪ سمنڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو