داخلا نمبر 1651
عنوان ابدالي احمد شاهه
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1022 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
احمد شاهه ابدالي

احمد شاهه ابدالي

ابدالي احمد شاهه

ابدالي، احمد شاهه: احمد شاهه ابدالي افغانستان جي علائقي هرات ۾، 1136هه/1723ع ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو محمد زمان خان هو. 20 سالن جي عمر ۾ نادرشاهه جي فوج جو سپهه سالار ٿيو. بهادري ۽ وفاداريءَ سبب نادر شاهه هن جو قدر ڪندو هو. سن 1747ع ۾ جڏهن نادرشاهه کي پنهنجن ئي ماڻهن سندس خيمي ۾ گهڙي قتل ڪيو ته ان کان پوءِ آڪٽوبر 1747ع ۾ افغان سردارن احمد شاهه ابداليءَ کي بادشاهه چونڊيو.
بادشاهه ٿيڻ کان پوءِ هن ڪيترائي دفعا هندستان تي حملا ڪيا. ڪشمير، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان کي افغان حڪومت ۾ شامل ڪيائين. خراسان جو به ڪجهه علائقو هٿ ڪيائين. احمد شاهه ابداليءَ جي گادي قنڌار ۾ هئي، جتي هن عاليشان عمارتون تعمير ڪرايون. هندستان ۾ احمد شاهه ابداليءَ جون ٻه لڙايون قابل ذڪر آهن. پهرين، جنوري 1761ع ۾ پاڻيپٽ جي ٽين لڙائي، جنهن ۾ مرهٽن کي شڪست آئي ۽ ٻي جنگ دوراهه، جنهن کي سِک ”گهلو گهاڙا“ يعني بي پناهه قوت سڏيندا آهن، اها لڙائي 1762ع ۾ ٿي، جنهن ۾ سکن جو وڏو تعداد قتل ٿي ويو.
احمد شاهه، افغانستان جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي ۽ ان کي هڪ وحدت بنايو. هن ئي مستقل افغانستان جو بنياد رکيو. نادرشاهه وانگر احمد شاهه ابداليءَ جي حملن به مغل سلطنت کي ڪمزور ڪيو، ۽ ان جي نظام کي سخت نقصان پهتو. هن 1749ع ۾ سنڌ تي پڻ ڪاهه ڪئي ۽ وڏي تباهي مچائي. سندس موت 20 رجب 1186هه/17 آڪٽوبر 1773ع تي واقع ٿيو. منشي ٽوپڻ مل حيدرآبادي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته ”احمد شاهه دراني (ابدالي) گهڻي لشڪر ۽ جنگي ساز و سامان سان گڏ لاڙڪاڻي سنڌ ۾ آيو. ميان نور محمد پنهنجو وڪيل احمد شاهه درانيءَ جي درٻار ۾ موڪليو هو، پر هن مٿس هر سال خراج يا ڏن مقرر ڪيو، جيڪو ميان صاحب ادا ڪندو هو.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1747.00.00  هجري

سن 1747ع ۾ جڏهن نادرشاهه کي پنهنجن ئي ماڻهن سندس خيمي ۾ گهڙي قتل ڪيو ته ان کان پوءِ آڪٽوبر 1747ع ۾ افغان سردارن احمد شاهه ابداليءَ کي بادشاهه چونڊيو .


1723.00.00  عيسوي

ابدالي ، احمد شاهه: احمد شاهه ابدالي افغانستان جي علائقي هرات ۾ ، 1136هه/1723ع ۾ پيدا ٿيو . سندس پيءُ جو نالو محمد زمان خان هو . 20 سالن جي عمر ۾ نادرشاهه جي فوج جو سپهه سالار ٿيو


1761.00.00  عيسوي

هندستان ۾ احمد شاهه ابداليءَ جون ٻه لڙايون قابل ذڪر آهن . پهرين ، جنوري 1761ع ۾ پاڻيپٽ جي ٽين لڙائي ، جنهن ۾ مرهٽن کي شڪست آئي


1762.00.00  عيسوي

ٻي جنگ دوراهه ، جنهن کي سِک ” گهلو گهاڙا “ يعني بي پناهه قوت سڏيندا آهن ، اها لڙائي 1762ع ۾ ٿي ، جنهن ۾ سکن جو وڏو تعداد قتل ٿي ويو .


1749.00.00  عيسوي

هن 1749ع ۾ سنڌ تي پڻ ڪاهه ڪئي ۽ وڏي تباهي مچائي . سندس موت 20 رجب 1186هه/17 آڪٽوبر 1773ع تي واقع ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون