داخلا جي تاريخ 2012-02-28
داخلا نمبر 1654
عنوان ابراهيم بن اڌم بلخي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 781 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

ابراهيم بن اڌم بلخي

ابراهيم بن اڌم بلخي: هڪ مسلمان صوفي، جيڪو بلخ جي اميرزادن مان هو، پر ڪن روايتن مطابق پاڻ بلخ جو حاڪم هو. جڏهن طبيعت زهد ۽ فقر طرف لاڙو ڪيس ته سڀ ڪجهه ڇڏي، دنيا کان الڳ ٿي ويو. اوني ڪپڙو پائيندو هو، جيڪو صوفين جو شعار آهي. سڄو وقت عبادت الاهيءَ، رياضت ۽ سياحت ۾ گذاريائين. هن سفيان ثوريءَ ۽ فضيل بن عياض کان فيض حاصل ڪيو ۽ تصوف ۾ هڪ وڏو رتبو حاصل ڪيائين. هي تصوف ۾ ان مقام تي وڃي پهتو، جتي اڪثر وڏا وڏا صوفي شاعر کيس ڏسي رشڪ ڪندا هئا. ابراهيم بن اڌم مڪي شريف ۾ ڄائو، تعليم به اتي حاصل ڪيائين. سندس قول اڄ به مشهور آهن، جيئن ته هڪ مجلس ۾ ماڻهن هن کان پڇيو ته ”ڪهڙو سبب آهي، جو الله تعاليٰ اسان جون دعائون قبول نٿو فرمائي“، جنهن تي پاڻ جواب ڏنائين، ته ”الله تعاليٰ کي ڄاڻڻ باوجود سندس اطاعت نٿا ڪريون. رسول الله کي سڃاڻڻ باوجود ان جي پيروي نٿا ڪريون. قرآن شريف کي پڙهون ٿا، پر ان تي عمل نٿا ڪريون. الله تعاليٰ جون نعمتون ته حاصل ڪريون ٿا، پر سندس شڪر ادا نٿا ڪريون. خبر به اٿئون ته دوزخ گناهگارن لاءِ آهي، پر ان کان ڊڄون نٿا. شيطان کي دشمن ٿا سمجهون، پر ان کان ڀڄون نٿا. عزيزن ۽ قريبن کي هٿ سان ٿا دفن ڪريون، مگر ان مان عبرت نٿا حاصل ڪريون. اهڙي صورت ۾ ڪنهن جي دعا ڪيئن قبوليت حاصل ڪندي.“ سندس جنم جو سال 783ع آهي ۽ سنه 894ع ۾ وفات ڪيائين.
هن بزرگ جي سنڌ ۾ آمد بابت ڪجهه روايتون آهن. ’اروڙ‘ سلسلي جي ٽڪرين ۾ خيرپور ضلعي، تعلقي ڪوٽ ڏجيءَ ۾ ڳوٺ راڄپاريءَ ويجهو هڪ ٽڪريءَ تي، سندس نالي سان هڪ آستانو ۽ روضو موجود آهي. جتي ”ابراهيم بن اڌم“ جو ميلو 13 رمضان تي لڳندو آهي. ابراهيم اڌم واري ٽڪريءَ جي ڀر ۾ واقع هڪ ٻي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي قبر وانگر پٿرن جو هڪ ڍڳ آهي. جيڪو اولهه اوڀر رخ ۾ آهي. ان قبر کان سواءِ هتي ٻي ڪابه شيءِ نه آهي. هن قبر بابت مقامي ماڻهن جي روايت آهي ته اهو ابراهيم اڌم سلطان جو پهريون آستانو آهي، جتي هن ٻه ٽي سال قيام ڪيو. ٽڪريءَ کان اوڀر وارو علائقو ڪنهن وقت ۾ درياهه جو وهڪرو هو. پير مشائخ جي درگاهه هتان اوڀر ۾ ڪجهه فاصلي تي آهي، جتي درياهه جو پراڻو وهڪرو آهي. روايتن موجب هن علائقي ۾ سلطان ابراهيم اڌم ڪل 12 سال قيام ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0783.00.00  عيسوي

ابراهيم بن اڌم بلخي: هڪ مسلمان صوفي ، جيڪو بلخ جي اميرزادن مان هو سندس جنم جو سال 783ع آهي ۽ سنه 894ع ۾ وفات ڪيائين


0894.00.00  عيسوي

ابراهيم بن اڌم بلخي: هڪ مسلمان صوفي ، جيڪو بلخ جي اميرزادن مان هو سندس جنم جو سال 783ع آهي ۽ سنه 894ع ۾ وفات ڪيائين


0000.09.13  عيسوي

ابراهيم بن اڌم بلخي: بزرگ جي سنڌ ۾ آمد بابت ڪجهه روايتون آهن . ’ اروڙ ‘ سلسلي جي ٽڪرين ۾ خيرپور ضلعي ، تعلقي ڪوٽ ڏجيءَ ۾ ڳوٺ راڄپاريءَ ويجهو هڪ ٽڪريءَ تي ، سندس نالي سان هڪ آستانو ۽ روضو موجود آهي . جتي ” ابراهيم بن اڌم “ جو ميلو 13 رمضان تي لڳندو آهي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون