ابراهيم جليس

ابراهيم جليس (محمد ابراهيم حسن ):ابراهيم جليس ممتاز صحافي، اديب ۽ افسانه نگار، مزاحيه خاڪا نويس، فلمي ڪهاڻي ۽ مقالا نگار 11 آگسٽ 1922ع تي بينگلور (ناناڻي گهر) ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو احمد حسين هو. ابراهيم جليس روزنامه ”انجام“ ڪراچي (67-1965) ۽ روزنامه ”مساوات“ ڪراچي (1977ع) جو ايڊيٽر رهيو. هي گهڻو عرصو ”جنگ“ ڪراچي ۾ ”وغيره وغيره“ جي عنوان سان به ڪالم لکندو رهيو ۽ روزنامه ”امروز“، ”عوامي عدالت“ ۽ ”حريت“ سان پڻ وابسته رهيو. هن کي ”صدارتي تمغه برائي حسن ڪارڪردگي“ سان پڻ نوازيو ويو هو. سندس تصنيفن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن. 1- زرد چهري (1945)، 2- چاليس ڪروڙ ڀڪاري (1945)، 3- ڪچهه غم جانان ڪچهه غم دوران (1946)، 4- آزاد غلام (1955)، 5- ڪالا چور، 6- زمين جاگ رهي هي، 7- الٽي قبر (1978)، 8- جليس ڪي ڪهانيان، 9- پبلڪ سيفٽي ريزر (ڪالم و افساني)، 10- پتي ڪي بات، 11- قلمي خليي، 12- دو ملڪ ايڪ ڪهاني، 13- شگفته شگفته، 14- جيل ڪي دن، جيل ڪي راتين، 15- صرف ايڪ پيسي ڪي خاطر، 16- نئي ديوار چين، 17- اوپر شيرواني اندر پريشاني، 18- جنگل مين جنگل، 19- آسمان ڪي باشندي، 20- ترنگي ڪي چهائون، 21- بنگال مين اجنبي (سفرنامو). ابراهيم جليس، 26 آڪٽوبر 1977ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي .


لفظ ابراهيم جليسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.08.11  عيسوي

ابراهيم جليس ( محمد ابراهيم حسن ) : ابراهيم جليس ممتاز صحافي ، اديب ۽ افسانه نگار ، مزاحيه خاڪا نويس ، فلمي ڪهاڻي ۽ مقالا نگار 11 آگسٽ 1922ع تي بينگلور ( ناناڻي گهر ) ۾ ڄائو . سندس پيءُ جو نالو احمد حسين هو .


1977.10.26  عيسوي

ابراهيم جليس ، 26 آڪٽوبر 1977ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالحسن ڪبير سنڌي
غلام علي موسيقار
خان محمد بروهي 1
اياز شاهه
جمالي حاجي محمد بخش
ڀُوپت
اوستو سچيڏنو
شبير ساگر
امام بخش صابر
ڀڳت گهنشام گهنشو ڀڳت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون