ڪعبة الله شريف ۾ حضرت ابراهيم ع جا قدم مبارڪ

ڪعبة الله شريف ۾ حضرت ابراهيم ع جا قدم مبارڪ

ابراهيم خليل الله حضرت

ابراهيم خليل الله حضرت: حضرت ابراهيم خليل الله، الله پاڪ جو پيغمبر هو. قرآن پاڪ موجب سندن پيءُ جو نالو آزر هو، جيڪو بت پرست ۽ بت تراش هو. توريت موجب حضرت ابراهيم خليل الله 2200 ق. م ۾ عراق جي شهر ’اُر‘ ۾ پيدا ٿيو. سندس قوم جا ماڻهو بت پرست هئا. توريت ۾ سندس والد جو نالو تارخ ڄاڻايل آهي، پر قرآن مجيد ۾ کيس بت تراشيءَ جي ڪم ڪرڻ سبب آزر سڏيو ويو آهي. قرآن پاڪ ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ آذر جي عقيدن جي اختلاف کي جنهن نموني ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ جهڙيءَ طرح پاڻ پنهنجي قوم جي شرڪ کان نفرت ڪندا هئا، اها ڳالهه سندن عظمت جي حقيقت ظاهر ڪري ٿي. جڏهن پاڻ جوان ٿيا ته کين نبوت عطا ٿي. خدا جي دين جو پرچار شروع ڪيائون ته وقت جي حاڪم نمرود کين باهه ۾ اڇلارايو، پر قدرت جي منشا موجب اُهي شعلا گل بڻجي ويا. ان کان پوءِ فلسطين ڏانهن هجرت ڪيائون، جتي بيت المقدس جو بنياد وڌائون. کين ٻه زالون هيون، هڪ جو نالو بي بي سائره ۽ ٻيءَ گهرواريءَ جو نالو بي بي هاجره هو. بي بي هاجره مان حضرت اسماعيل پيدا ٿيو، جڏهن ته بي بي سائره مان حضرت اسحاق جنم ورتو. حضرت ابراهيم بيبي هاجره سان مڪي آيو، جتي ڪعبة الله جو بنياد وڌائين. حضرت ابراهيم عليه السلام کان ئي حضور صلي الله عليه وسلم جن جو شجرو شروع ٿئي ٿو ۽ سنت به ان سلسلي تحت شروع ٿئي ٿي. روايت موجب حضرت ابراهيم عليه السلام 175 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2200.00.00  عيسوي

توريت موجب حضرت ابراهيم خليل الله 2200 ق . م ۾ عراق جي شهر ’ اُر ‘ ۾ پيدا ٿيو . سندس قوم جا ماڻهو بت پرست هئا .



اسلام - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حج سورة
تفصير سورة ياسين
ص سورة
طارق سورة
آيت
جمادي الثاني الآخر
صافات سورة
دِين
سورة الانبياء
بسم الله
اسلام ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون