داخلا نمبر 1751
عنوان ابراهيم شاهه واڙيءَ وارو
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 503 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
ملاح/ ميربحر ابراهيم شاهه جي مزار تي

ملاح/ ميربحر ابراهيم شاهه جي مزار تي

ابراهيم شاهه واڙيءَ وارو

ابراهيم شاهه واڙيءَ وارو: سنڌ جي ڊيلٽا ۾ اوڀر طرف سير کاريءَ جي ويجهو هڪ ٻيٽاريءَ تي هرسال هڪ وڏو ميلو لڳندو آهي. ٻيٽ تي جنهن بزرگ جي مزار آهي، تنهن کي ’ابراهيم شاهه واڙيءَ واري‘ جي نالي سان شهرت حاصل آهي. هن ميلي ۾ سنڌ، ڪڇ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ڪنڌين ۽ کارين تي رهندڙ ملاح لازمي طور شريڪ ٿيندا آهن. هيءُ سامونڊي ملاحن جو وڏي ۾ وڏو ميلو آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ڏينهن جاري رهندو آهي. هن موقعي تي هوڙهن جا مالڪ پنهنجن پنهنجن پتڻن ۽ بندرگاهن تان ٻيڙا ڪاهي، ابراهيم شاهه واڙيءَ واري جي سلامي ڀرڻ ويندا آهن. ٻيڙا رنگارنگي جهنڊن ۽ جهنڊين سان سينگاريا ويندا آهن ۽ عورتون، ٻار، جوان ۽ پوڙها دهلن دمامن سان ٻيڙين تي سوار ٿيندا آهن. ڪي باسون باسڻ لاءِ نڪرندا ته ڪي مرادون پوريون ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ چادرون (پَڙُ) کڻي ايندا آهن. هيءُ ميلو هر سال مارچ اپريل ڌاري لڳندو آهي.
ملاحن جو عقيدو آهي ته جيڪو ملاح هن ميلي ۾ شريڪ نه ٿيندو ۽ ’بادشاهه‘ ابراهيم شاهه جي حاضري نه ڀريندو، اُهو ايندڙ سال مڇيءَ جي شڪار کان محروم ٿي ويندو، بيماريون ڏسندو يا جوکم ۾ پوندو. ابراهيم شاهه جي ميلي جي موقعي تي زيارتي، ابراهيم حيدري، لٽ بستي، ڪيٽي بندر، کاري ڇاڻ، جنگي سر، ڳاڙهي يا شاهبندر وٽان ڪنهن به هوڙهي تي چڙهي وڃن ته ٻيڙياتا پنهنجي روايت موجب ڀاڙو نه وٺندا آهن. سخي ابراهيم تائين اوٽ موٽ ٻه ڏينهن لڳي ويندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو