داخلا نمبر 1832
عنوان ابل فقير مهڪاڻي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 314 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ابل فقير مهڪاڻي

اَبلُ فقير مَهڪاڻي: ابل فقير 1942ع واري حُر تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو، جيڪو ڳوٺ بائونٺ مري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ جو رهاڪو هو. هن جو پير شهيد صبغت الله پاڳاري جي غازي حرن ۾ شمار ٿيندو هو. کيس ’ابوالخير‘ جو لقب پير سائينءَ پاڻ ڏنو هو. ابل فقير انگريزن سان وڙهيو ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجن دوستن سان گڏجي ٿاڻا به ڦريائين، جن ۾ ٻوٻي ٿاڻو ۽ کاڻوٺ ٿاڻو شامل آهن. ابل فقير هالن جي ڀرسان سيلاني فقير واري هنڌ تي وڙهيو هو، جنهن ۾ هن ملٽري ۽ سپاهين سان مڙس ٿي مقابلو ڪيو. ڏهه سال انگريزن سان وڙهيو ۽ سي. آءِ. ڊي پوليس هٿان گرفتار ٿيو. کيس ويهه سال سزا لڳي، پر ٻه ٽي سال قيد ڪاٽڻ کان پوءِ سينٽرل جيل مان ساٿين سميت ڀڄي نڪتو. ان کان پوءِ سن آيو، جتي ٻيهر گرفتار ٿيو ۽ کيس ڦاهي گهاٽ ۾ رکيو ويو. اهو ڪيس پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هليو، جنهن ۾ ڦاسيءَ واري سزا لهي ويس ۽ ڏهه سال سزا ڏنائونس. ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ ابل فقير آزاد ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.00.00  عيسوي

اَبلُ فقير مَهڪاڻي: ابل فقير 1942ع واري حُر تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو ،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون