داخلا ؛ 4267
پڙهيو ويو ؛ 247
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-08-10


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ابن ابي اصيبه

ٽائيٽل ؛ ابن ابي اصيبه


شاخ : سياح

ابن ابي اصيبه: مشهور سياح، طبيب ۽ ليکڪ -ابن ابي اصيبه- جو اصل نالو احمد -بن قاسم- السعدي الخرجي ’موقف الدين‘ هو. هيءُ پنهنجي ڏاڏي جي نالي پويان پاڻ کي ’ابن ابي اصيبه‘ سڏائيندو هو ۽ -ان- ئي نالي سان مشهور ٿيو. هـيءُ 1203ع ڌاري دمـشـق ۾ ڄـائـو. هـن طـب جـي ماهر ’ابن البيطار اندلسي‘ (1248ع) وٽان طب جي -تعليم- ورتي ۽ ڄاڻو حڪيم ٿيو. سندس ڏاڏو سلطان صلاح الدين به طبيب هو. -ابن ابي اصيبه- جلد ئي پهرين قاهره جي هڪ شفا خاني ۾ طبيب مقرر ٿيو. -ان- کانپوءِ -امير- ”صرخر“ جو خاص طبيب ٿيو. ايوبي دور ۾ به مختلف عهدن تي فائز رهيو. هن علم طب تي ’عيون الالنباء في طبقات الاطباءِ‘ سان ڪتاب -تصنيف- ڪيو. جنهن ۾ ڇهه سؤ مشهور حڪيمن جون سوانح عمريون درج ڪيائين. هن پنهنجي ڪتاب جي ٻئين جلد ۾ سنڌ ۽ هند جي طبيبن ۽ انهن جي علاج معالجي جو تذڪرو تفصيل سان آندو آهي. هن طبيب هئڻ جي ناتي ڪيترائي ملڪ گهمي ڏٺا. هن 1270ع ڌاري وفات ڪئي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -ابن ابي اصيبه- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ابن ابي اصيبه - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياح - موضوع جون ٻيون داخلائون-
برٽن رچرڊ
برنس جيمس
ابن بطوطه
ابن حوقل
ابو زيد حسن سيرافي
ابن ابي اصيبه
ابن فقيهه
ابو دلف
اليعقوبي


.....سياح موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن