داخلا ؛ 1898
پڙهيو ويو ؛ 1642
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-07


تصويرون




ٽائيم لائين

0661.03.10-Hijree
ابن تيميه: مشهور عالم ابن تيميه جيڪو حران ۾ 10 ربيع الاول 661هه/ 22 جنوري 1263ع ۾ ڄائو

1263.01.22-A.D
ابن تيميه جيڪو حران ۾ 10 ربيع الاول 661هه/ 22 جنوري 1263ع ۾ ڄائو

1328.09.27-A.D
ابن تيميه کان مس ۽ قلم کسيا ويا ته ڪي شيون ڪوئلي سان پڻ لکيائين . 27 سيپٽمبر 1328ع تي دمشق ۾ وفات ڪيائين .




sindhianaسنڌيانا--ابن تيميه

ٽائيٽل ؛ ابن تيميه


شاخ : عالم

ابن تيميه: مشهور عالم -ابن تيميه- جو اصل نالو تقي الدين -بن- ابوالعباس احمد -بن- شهاب الدين -بن- شيخ عبدالحڪيم -بن- عبدالسلام -بن- عبدالله -بن- محمد -بن- الحراني الحنبلي هو. هو، جيڪو حران ۾ 10 ربيع الاول 661هه/ 22 -جنوري- 1263ع ۾ ڄائو. حران، موصل ۽ شام جي وچ ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو. هو نامور فقيهه، مفسر، محدث، متڪلم ۽ مجاهد هو. ڇهه پيڙهيون اڳ سندس خاندان ۾ هڪ خاتون تيميه نالي، علم ۽ فضل ۾ باڪمال هئي، -ان- جي نسبت سان هي خاندان مشهور ٿيو. پنجن سالن جو هو جو -ابن تيميه- جو گهراڻو حران کان دمشق لڏي آيو. سندس حافظو ڪمال درجي جو هو. ڪتاب هڪ دفعو پڙهڻ سان ئي حفظ ٿي ويندو هوس. هن 20 سالن جي عمر ۾ قرآن، فقہ ۽ مناظري ۾ مهارت حاصل ڪئي. والد جي مرڻ کان پوءِ تدريس ۽ فتويٰ جي مسند تي ويٺو. سڄا سارا 44 سال -اسلام- جي خدمت ۾ گذاريائين. شادي به نه ڪيائين. هن اهڙي دور ۾ -جنم- ورتو، جڏهن -اسلام- ۾ ڪيترائي فرقا ظاهر ٿي چڪا هئا ۽ بدعتون عام ٿي چڪيون هيون. مسلمان -اسلام- جي صحيح -تعليم- کان ڪٽجي ويا هئا، تاتارين جي حملن سبب علم ۽ -تهذيب- جا مرڪز تباهه ٿي چڪا هئا. -ان- ڪري تاتارين ۽ ڪن ٻين بدعنوان گروهن جي خلاف زبان ۽ قلم ذريعي جهاد ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتائون. مخالفن جي غلط الزامن جي ڪري مصر ۽ دمشق ۾ ڪيترائي ڀيرا قيد ٿيو. زندگيءَ جا پويان ٻه سال پڻ قيد ۾ گذاريائين، مٿس ڪفر ۽ الحاد جون فتوائون به نڪتيون. ساڻس گڏ سندس ٻه سڳا ڀائر ۽ سندس شاگردن مان حافظ ابن قيم شامل هئا. سندس ننڍي -ڀاءُ- قيد ۾ ئي وفات ڪئي، جنهن جي -جنازي نماز- ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ به -ابن تيميه- کي اجازت نه ملي.
قيد ۾ پڻ تصنيفات جو سلسلو -جاري- رکيائين. هر مسئلي تي ڪتاب ۽ سنت جون شاهديون حافظي جي زور تي پيش ڪندو رهيو. آخرڪار کانئس مس ۽ قلم کسيا ويا ته ڪي شيون ڪوئلي سان پڻ لکيائين. 27 سيپٽمبر 1328ع تي دمشق ۾ وفات ڪيائين. وفات کان اڳ انهن سڀني کي معاف ڪيائين، -جن- کيس تڪليفون پهچايون هيون. سندس جنازي ۾ ٻه لک ماڻهو شريڪ ٿيا هئا، -جن- ۾ 15 هزار رڳو عورتون هيون. سندس تصنيفات ۾ قرآن پاڪ جو تفسير، حديث، فقهه، نحو، لغت، رياضي وغيره جا موضوع شامل آهن، -جن- جو تعداد 500 کن آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب وري وري ڇپيا آهن. مثلاً: ڪتاب الايمان، اقتضاد المراط، الصراط المستقيم، منهاج السنه، الجواب الصحيح، ڪتاب الرد علي المتقين، -تفسير- سوره اخلاص، -تفسير- سوره نور، رسائل الکبريٰ (ٻه جلد)، فتاويٰ (پنج جلد)، وغيره. پاڻ شاعري
به ڪندو هو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -ابن تيميه- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ابن تيميه - مان نڪتل ٻيون شاخون-


عالم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
الياس عطار قادري
ابڙو اضعف ھالائي
امام ترمذي
امام غزالي رحه
امام مسعود سنڌي
ابن تيميه
ابن هشام
آخوند قاضي ميان اسماعيل
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
ابوالحسن ڏاهري
ابوالحسن صغير
آخوند محمد بچل انور
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
آريجو غلام محمد
ايل وي پرانچبي
ايم جي ٺاڪر
ابن رشد
ابنِ مقله بيضاوي
ابوالحسن صغي
ابو سعيد قاضي
بگو شير درگاهه
براهوئي علامه حاجي محمد عمر دين پوري
ٻاگهلائي علي محمد مولوي
احمد بن محمد المنصوري
امتياز خان حسين اصفهاني خالص
امروٽي محمد شاهه
ٺٽوي مخدوم محمد معين
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
ثناءَ الله پاڻيپتي قاضي
ٺٽوي ابراهيم قاضي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي
ٺٽوي سيد منصور
ترمذي
ٺٽوي شيخ طيب
ٺٽوي قاضي محمد جعفري
ٺٽوي مخدوم آدم نقشبندي
ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين
ٺٽوي مخدوم محمد صادق
ڀنڀرو محمد عثمان
تاج محمود امروٽي
تاج محمد رضائي
ٿانوي اشرف علي مو لانا
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
پاٽائي دين محمد مخدوم
پاٽائي شيخ جندالله
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
پاٽائي شيخ معروف
پاٽائي قـاسـم سـنڌي
پاٽائي محمود صديقي
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
پاٽائي مخدوم عباس
پاٽائي مخدوم فضل الله
پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه
پير عبدالرحمان
پيرغلام رسول سرهندي
پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين
پير مانڪي شريف
پير محمد هالائي
جامي مولانا عبدالرحمان
جان محمد عباسي مولانا
جعفر مخدوم بوبڪائي
پائلا
جنيد بغدادي
جوناٿن مارڪ ڪناير


.....عالم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن