ابن حوقل

ابن حوقل

ابن حوقل جو ٺاهيل سنڌ جو نقشو

ابن حوقل جو ٺاهيل سنڌ جو نقشو

ابن حوقل

ابن حوقل: ابن حوقل هڪ مشهور عرب سياح ۽ جاگرافيدان ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو ابوالقاسم محمد بن حوقل هو. سندس تاريخ پيدائش جي صحيح خبر نه آهي، پر سندس هڪ تحرير مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ رمضان 331هه/مئي 943ع ۾ دنيا جي ملڪن جون حالتون معلوم ڪرڻ لاءِ بغداد مان روانو ٿيو ۽ اولهه کان اوڀر تائين پوري اسلامي دنيا گهميو. سندس پيش رو جاگرافيدانن ابن خرداذبه ۽ ابن قدامه جا ڪتاب هن لاءِ رهنما هئا.
پاڻ سياحت دوران 340 هه/ 951ع ۾ اصطخريءَ سان به مليو. 345هه/956ع ڌاري ابن حوقل سنڌ ۽ بلوچستان آيو. هن هتي ڳالهائجندڙ ٻولين ۽ انهن جي لهجن جو اڀياس ڪيو ۽ تحقيق ڪري ٻڌايائين ته ملتان تائين سنڌي ٻولي ڳالهائجي ٿي. 367هه/977ع ۾ ابن حوقل بغداديءَ سنڌ جو پهريون نقشو تيار ڪيو، ان وقت سنڌ ۾ جيڪي رياستون ڏيکاريون اٿس، تن جا نالا مڪران، مُشڪي، منصوره، مُلتان، طوران، وهند، قنوج ۽ ٻڌيه آهن. اهو قديم سنڌ جو دنيا ۾ پهريون نقشو آهي. بن شيبان'>جلم بن شيبان جي ملتان ۾ تقرريءَ کان ٻه سال پوءِ 367هه/977ع ۾ ابن حوقل بغدادي مُلتان ۾ پڻ وارد ٿيو. سندس باري ۾ مشهور آهي ته هو اسماعيلي فرقي سان واسطو رکندو هو. اُن مان اسماعيلي تحريڪ جي تنظيم ۽ حڪمت عمليءَ جو ڏس ملي ٿو، جنهن موجب ابن حوقل صرف بن شيبان'>جلم بن شيبان جي ڪارڪردگيءَ ۽ گهربل فوجي ڪمڪ جو جائزو وٺڻ لاءِ آيو هو، پر هن ڄاڻي واڻي پنهنجي سفرنامي ۾ اسماعيليه تبليغ جو ڪو ذڪر نه ڪيو. جڏهن ته بن شيبان'>جلم بن شيبان (متوفي 376هه/986ع) جي وفات کان هڪ سال اڳ ۾ (375هه/985ع) بشاري مقدسي ’ملتان‘ جو سفر ڪرڻ بعد لکي ٿو ته: ’مُلتان وارا شيعا آهن، اذان ۾ ’حي علي الخيرالعمل‘ چون ٿا ۽ اقامت ۾ ٻه دفعا تڪبير پڙهن ٿا.‘ ان کانسواءِ ابن حوقل بغداديءَ گجرات جو نقشو به تيار ڪيو. 976ع ۾ هن ’المسالڪ والممالڪ‘ جي نالي سان هڪ ڪتاب به ترتيب ڏنو، جيڪو هاڻ ڇپجي چڪو آهي. سندس وفات 367هه/977ع ۾ ٿي.

لفظ ابن حوقلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0331.09.00  هجري

ابن حوقل: ابن حوقل هڪ مشهور عرب سياح ۽ جاگرافيدان ٿي گذريو آهي . سندس اصل نالو ابوالقاسم محمد بن حوقل هو . سندس تاريخ پيدائش جي صحيح خبر نه آهي ، پر سندس هڪ تحرير مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ رمضان 331هه/مئي 943ع ۾ دنيا جي ملڪن جون حالتون معلوم ڪرڻ لاءِ بغداد مان روانو ٿيو ۽ اولهه کان اوڀر تائين پوري اسلامي دنيا گهميو .

0943.05.00  عيسوي

0345.00.00  هجري

پاڻ سياحت دوران 340 هه/ 951ع ۾ اصطخريءَ سان به مليو . 345هه/956ع ڌاري ابن حوقل سنڌ ۽ بلوچستان آيو . هن هتي ڳالهائجندڙ ٻولين ۽ انهن جي لهجن جو اڀياس ڪيو ۽ تحقيق ڪري ٻڌايائين ته ملتان تائين سنڌي ٻولي ڳالهائجي ٿي .

0956.00.00  عيسوي

0977.00.00  عيسوي

ابن حوقل: سندس وفات 367هه/977ع ۾ ٿي

شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمال الدين مؤمن
ارشد محمود
پوراني ميرڪ سيد عبدالباقي
دلدار عباسي 1
پلي درويش
تغلق غياث الدين بلبن
سيد جيئندل شاهه لڪياري
آصف نواز جنجوعا
اي آر ناگوري
عبدالله مڪاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون