داخلا ؛ 3935
پڙهيو ويو ؛ 506
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-06-28


تصويرون




ٽائيم لائين

1164.00.00-A.D
ابن رشد 1164ع تي قرطبه ۾ پيدا ٿيو

1198.00.00-A.D
ابن رشد 1198ع ۾ وفات ڪئي




sindhianaسنڌيانا--ابن رشد

ٽائيٽل ؛ ابن رشد


شاخ : عالم

ابن رشد: اندلس جو هي مشهور معروف عالم، فاضل، فلسفي، فقہ ۽ حاذق حڪيم ابوالوليد محمد -بن- احمد -بن- محمد المعروف ”ابن رشد“ 9 صفر المظفر 560 هه (1164ع) تي قرطبه ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان وڏيءَ پهچ وارو ۽ علم دوست هو. اهڙي سلجهيل ماحول ۾ ابن رشد، ابتدائي سکيا سان گڏ فقه ۽ طب ۾ پڻ خاصي مهارت حاصل ڪئي. وڌيڪ سمجهه ڀريو ٿيڻ سان مشهور فلسفي ۽ طبيب ابن طفيل (1101- 1158ع) جي مشوري موجب مراڪش ويو، -جتي- سرڪاري اعزازن سان سرشار ٿيو ۽ سندس ئي صلاحن سان -ارسطو- (384- 322 ق.م) جي مشهور ڪتابن جون شرحون لکڻ لڳو.
ابن رشد، ڪجهه وقت لاءِ آشبيله ۽ قرطبه ۾ ”قاضي“ به ٿي رهيو. مراڪش جي سلطان ابن يوسف کيس 578 هه/ 1182ع ۾ شاهي خاندان جو طبيب مقرر ڪيو. ستت ئي سندس صلاحيتن جي واکاڻ وڌي، جنهنڪري قرطبه ۾ ”قاضي القضات“ جي ڪرسي سنڀاليائين. پاڻ هڪ وڏو داناءُ ۽ بردبار شخص هو، جنهنڪري -ارسطو- (Aristole) جي علمي، ادبي ۽ فلسفيانه نظرين جي شرحن لکڻ کان علاوه ”افلاطون“ (427 ق. م/ 347 ق. م) جي جڳ مشهور ڪتاب ”جمهوريت“ جي شرح به قلمبند ڪيائين. -ان- کانسواءِ -امام- غزاليرح (1058-1111ع) جي جواب ۾ ”تهافته التهافته“ نالي ڪتاب به لکيائين. اهڙيءَ طرح فقه جي سلسلي ۾ ”ندايته المجتهد“، طب ۾ ”الڪليات“ ۽ مذهب ۽ فلسفي جي موافقت ۾ وري ”فصل المبقال“ ۽ ”ڪشف المناهج“ نالن سان ڪتاب به لکيائين، جيڪي سندس غير فاني شاهڪار ڪتاب چيا وڃن ٿا. سندس اها دعويٰ هئي ته ”حقيقت ۾ مذهب فلسفي حقيقتن جو چِٽو اظهار آهي، جنهن جي مخالفت مسلمان عالمن توڙي عيسائي پادرين وڏي زور شور سان ڪئي آهي.“ پاڻ عقليت پسند وحدت الوجودي هو ۽ اجتماعي عقل کي اخلاق جو معيار قرار ڏئي ٿو.
هڪ اندازي مطابق -ابن رشد- چاليهه ڪتاب قلمبند ڪيا. 1198ع ۾ جيل مان آزاد ٿي ٻيهر -تصنيف- ۽ تاليف کي پنهنجو مشغلو بڻايائين. سلطان منصور سندس جوڳو قدر ڪندي کيس وڏي عزت وارو مرتبو ڏنو. آخر ٿورن ڏينهن بعد 595 هه/ 1198ع ۾ وفات ڪيائين. سندس لکيل ڪتاب جيتوڻيڪ اڄ ڏسڻ لاءِ به موجود نه آهن، صرف دنيا جي مختلف زبانن ۾ انهن جا ترجما، سندس ياد -تازي- ڪندا رهن ٿا. -ان- ۾ ڪو به مبالغو نه آهي، ته علم جي اعتبار کان، مشهور فلسفي -ارسطو- کان پوءِ -ابن رشد- کي اهميت حاصل آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -ابن رشد- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ابن رشد - مان نڪتل ٻيون شاخون-


عالم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
الياس عطار قادري
ابڙو اضعف ھالائي
امام ترمذي
امام غزالي رحه
امام مسعود سنڌي
ابن تيميه
ابن هشام
آخوند قاضي ميان اسماعيل
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
ابوالحسن ڏاهري
ابوالحسن صغير
آخوند محمد بچل انور
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
آريجو غلام محمد
ايل وي پرانچبي
ايم جي ٺاڪر
ابن رشد
ابنِ مقله بيضاوي
ابوالحسن صغي
ابو سعيد قاضي
بگو شير درگاهه
براهوئي علامه حاجي محمد عمر دين پوري
ٻاگهلائي علي محمد مولوي
احمد بن محمد المنصوري
امتياز خان حسين اصفهاني خالص
امروٽي محمد شاهه
ٺٽوي مخدوم محمد معين
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
ثناءَ الله پاڻيپتي قاضي
ٺٽوي ابراهيم قاضي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي
ٺٽوي سيد منصور
ترمذي
ٺٽوي شيخ طيب
ٺٽوي قاضي محمد جعفري
ٺٽوي مخدوم آدم نقشبندي
ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين
ٺٽوي مخدوم محمد صادق
ڀنڀرو محمد عثمان
تاج محمود امروٽي
تاج محمد رضائي
ٿانوي اشرف علي مو لانا
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
پاٽائي دين محمد مخدوم
پاٽائي شيخ جندالله
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
پاٽائي شيخ معروف
پاٽائي قـاسـم سـنڌي
پاٽائي محمود صديقي
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
پاٽائي مخدوم عباس
پاٽائي مخدوم فضل الله
پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه
پير عبدالرحمان
پيرغلام رسول سرهندي
پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين
پير مانڪي شريف
پير محمد هالائي
جامي مولانا عبدالرحمان
جان محمد عباسي مولانا
جعفر مخدوم بوبڪائي
پائلا
جنيد بغدادي
جوناٿن مارڪ ڪناير


.....عالم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن