داخلا ؛ 1911
پڙهيو ويو ؛ 1147
پسند ڪيو ويو ؛ 6
تاريخ ؛ 2012-03-07


تصويرون


IBN-SEENA.jpg
بو علي سينا/ابن سينا
بو علي سينا/ابن سينا



ٽائيم لائين

0980.08.00-A.D
ابن سينا/ بو علي سينا؛ سندس ڄم جي تاريخ بابت اختلاف آهن . هڪ اندازي موجب آگسٽ يا سيپٽمبر 980ع ۾ ڄائو ۽ 21 جون 1037ع ۾ همدان ( ايران ) ۾ وفات ڪيائين .

1037.06.21-A.D
ابن سينا/ بو علي سينا؛ سندس ڄم جي تاريخ بابت اختلاف آهن . هڪ اندازي موجب آگسٽ يا سيپٽمبر 980ع ۾ ڄائو ۽ 21 جون 1037ع ۾ همدان ( ايران ) ۾ وفات ڪيائين .

0976.00.00-A.D
بو علي سينا/ ابن سينا؛ هڪ ٻئي اندازي موجب ابن سينا ، منصور اول بن نوح اول جي عهد ( 961_ 976ع ) ۾ ڄائو




sindhianaسنڌيانا--ابن سينا

ٽائيٽل ؛ ابن سينا


شاخ : سائنسدان

ابن سينا: -ابن سينا- جو اصل نالو ابوعلي حسين -بن- عبدالله -ابن سينا- هو، کيس ’بُوعلي سينا‘ به چوندا هئا. تمام وڏو طبيب، فلسفي، سائنسدان ۽ رياضيءَ جو ماهر ٿي گذريو آهي. پاڻ -بخارا- جي هڪ ڳوٺ ’افشنه‘ ۾ پيدا ٿيو. سندس ڄم جي -تاريخ- بابت اختلاف آهن. هڪ اندازي موجب -آگسٽ- يا سيپٽمبر 980ع ۾ ڄائو ۽ 21 جون 1037ع ۾ همدان (ايران) ۾ وفات ڪيائين. هڪ ٻئي اندازي موجب ابن سينا، منصور -اول- -بن- نوح -اول- جي عهد (961_ 976ع) ۾ ڄائو. ارڙهن سالن جي عمر تائين قرآن، شاعري، فلسفي، منطق ۽ طب جهڙن علمن ۾ مهارت حاصل ڪيائين.
شروع کان ئي سندس ڌيان علم جي حصول ڏانهن رهيو. ابتدا ۾ ارسطوءَ جي ڪتاب ’مابعد الطبيعات‘ کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪيائين، پر فارابيءَ کي پڙهڻ کان بعد الطبيعات سمجهڻ لڳو، پوءِ طب ۾ ڪمال حاصل ڪيائين ۽ طبيب جي حيثيت سان دنيا ۾ سندس مشهوري ٿي. ساساني حڪومت جي خاتمي کان پوءِ -بخارا- ڇڏي سن 1001ع ڌاري ’خوارزم‘ هليو ويو. -جتي- هن جي وقت جي مشهور عالمن سان ملاقات ٿي، انهن جي صحبت ۾ رهي ٻين به ڪيترن علمن ۾ مهارت حاصل ڪيائين. هن البيرونيءَ سان به علمي بحث ڪيا. 1009ع ۾ عراق آيو، جتان پوءِ سلطان محمود غزنويءَ کيس غزنيءَ ۾ سڏائي ورتو. غالباً هن غزنيءَ وڃڻ کان انهيءَ ڪري انڪار ڪيو، جو پاڻ باطني يعني -اسماعيلي- عقيدي جو هو. محمود غزنوي باطنين کي پسند نه ڪندو هو، انهيءَ ڪري بعد ۾ هي ’جرجان‘ هليو ويو، 1022ع ۾ اصفهان ۾ آيو، ۽ اتي 14 سال رهيو. آخري ڏينهن ۾ همدان آيو ۽ وفات به اتي ڪيائين. -ابن سينا- 100 کن ڪتاب لکيا، -جن- مان ’القانون‘ ۽ ’الشفا‘ کي ڏاڍي شهرت ملي.




رايا ؛
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -ابن سينا- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ابن سينا - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سائنسدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اقليدس
اليگزينڊر گراهم بيل
ابن سينا
ايم ايڇ پنهور
آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
آئن اسٽائن البرٽ
بوعلي سينا
ابن بيطار
البيروني ابو ريحان
ثاليس
ثناءالحق صديقي مولوي
ٽيٽم ايڊوارڊ ايل
ٿامس ايڊيسن
ٿامس هنٽ مورگن
جابر بن افلح
جابر بن حيان
جابر بن سنان حراني
جارج اسٽيفنسن


.....سائنسدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن