ابن فقيهه

ابن فقيهه: هيءُ مشهور سياح ٿي گذريو آهي. هن جو تعلق عربستان سان هو. هن جو اصل نالو ابوبڪر احمد بن محمد همداني هو. سياحت ۾ ’ابن فقيهه‘ جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ ڪيترائي ملڪ گهمي ڏٺائين. کيس ٽين صدي هجريءَ جو مشهور جاگرافيدان ۽ خط نويس به مڃيو وڃي ٿو. ڪيترن ملڪن جي جاگرافيءَ جي وٽس ڄاڻ هئي. هن جا لکيل ٻه ڪتاب دريافت ٿيا آهن. جن ۾: ’ڪتاب البلدان‘ ۽ ’ذڪر شعراءِ المحدثين‘ شامل آهن. هنن ڪتابن ۾ سنڌ ۽ هند ملڪن جي دريائن ۽ شهرن جو ذڪر آهي. جن بابت ڪافي ڄاڻ ڏني وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو