داخلا ؛ 1917
پڙهيو ويو ؛ 842
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-07


تصويرون




ٽائيم لائين

0942.00.00-A.D
ابن مسڪويه: ابن مسڪويه جو اصل نالو ابوعلي احمد بن محمد ابن يعقوب هو ، جيڪو 330هه/942ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 421هه/1030ع ۾ وفات ڪيائين .

1030.00.00-A.D
ابن مسڪويه: ابن مسڪويه جو اصل نالو ابوعلي احمد بن محمد ابن يعقوب هو ، جيڪو 330هه/942ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 421هه/1030ع ۾ وفات ڪيائين .




sindhianaسنڌيانا--ابن مسڪويه

ٽائيٽل ؛ ابن مسڪويه


شاخ : شخصيت

ابن مسڪويه: -ابن مسڪويه- جو اصل نالو ابوعلي احمد -بن- محمد ابن يعقوب هو، جيڪو 330هه/942ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 421هه/1030ع ۾ وفات ڪيائين. هو ايراني نسل جو هڪ مشهور تاريخدان ۽ فلسفي هو، جنهن پنهنجون لکڻيون عربيءَ ۾ لکيون، ۽ ’آل بويه‘ وٽ اعليٰ عهدن تي فائز رهيو. هُن ’تجارب الامم‘ نالي دنيا جي -تاريخ- لکي، جيڪا طوفانِ نوح کان شروع ٿي، 369هه/979ع تي ختم ٿئي ٿي. غيرجانبداريءَ ۾ بيباڪ -تنقيد- سان گڏوگڏ سندس لکڻين ۾ طبيباڻو انداز به ملي ٿو، جنهن -اسلامي تاريخ- نويسيءَ کي اعليٰ درجي تائين پهچايو آهي. -تاريخ- کان سواءِ -ابن مسڪويه- ’تهذيب الاخلاق وتطهير الاعلاق‘ نالي هڪ ڪتاب به لکيو. نصيرالدين طوسيءَ اُن ڪتاب کي فارسيءَ ۾ ترجمو ڪري، اُن ۾ ڪجهه اضافو ڪيو ۽ اُن جو نالو ’اخلاقِ ناصري‘ رکيو. -ابن مسڪويه- اصفهان ۾ 1030ع ۾ وفات ڪئي ۽ اُتي ئي کيس دفن ڪيو ويو.
-ابن مسڪويه- پهريون مسلمان مفڪر آهي، جنهن موجودات عالم جي ارتقائي ترتيب کي باقاعدي هڪ نظريي جي شڪل ۾ پيش ڪيو. اسلامي دنيا جي نامور فيلسوف ۽ حڪيم -بوعلي سينا- جو همعصر هو ۽ ساڻس
خطو ڪتابت به ڪندو هو. -ابن مسڪويه- جو نظريو جديد نظريه ارتقا سان حيرت انگيز مشابهت رکي ٿو. هتي سندس نظريي جو -ٿورو- تفصيل ڏجي ٿو:
هن جي نظر ۾ زندگيءَ جا اثر سڀ کان پهريائين نباتات ۾ ظاهر ٿين ٿا. اهو هيئن ته منجهن حرڪت جو وجود آهي ۽ غذا جا محتاج آهن ۽ انهيءَ ڪري جمادات کان ممتاز آهن، ليڪن نباتات جا ڪيترا قسم بنا -ٻج- جي پيدا ٿين ٿا، جيڪي جمادات جي گهڻو ويجهو آهن، پر جهنگلي ٻوٽن ۽ وڻن کان پوءِ اهڙي قسم جا درخت ملن ٿا، -جن- کي -ٻج- ۽ ميوي سان گڏ عمدي زمين، عمدي پاڻيءَ ۽ عمدي هوا جي ضرورت هوندي آهي، مثلاً زيتون، ڏاڙهون، صوف ۽ -انجير- وغيره، -جن- ۾ وري -انگور- ۽ کجور وڌيڪ -ترقي- يافته آهن، جيڪي نباتات جي ڄڻ ته آخري سرحد تي ڦرجڻ لاءِ ٻنهي جو ميلاپ ضروري آهي. -ان- کان پوءِ جيڪا -ترقي- ٿئي ٿي، ته معاملو نباتات جي حد مان ٽپي حيوانات جي حد ۾ پهچي وڃي ٿو.
اهڙيءَ طرح نباتات جي ترقيءَ جي آخري منزل حيوانات جي ابتدائي درجي سان اچي ملي ٿي. نباتات جي آخري مرحلي تي صرف ايتري -ترقي- ٿئي ٿي، جو انهن کي زمين ۾ لڳائڻ جي ضرورت نٿي پوي. -ان- کان سواءِ اهي پنهنجي مرضيءَ سان حرڪت پڻ ڪري سگهن ٿا، پر اهو وري حيوانات جو بلڪل ابتدائي مرحلو آهي. انهيءَ مرحلي تي صرف هڪڙي حِس، يعني ڇهڻ جي حس ملي ٿي، جنهن جو مثال سمنڊ جي ڪناري تي ملندڙ سپون ۽ ڪوڏ آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي هڪدم کڻي وٺندو ته اهي پنهنجي جڳهه ڇڏي ڏيندا، پر جيڪڏهن آهستي آهستي کڻندو ته اهي پنهنجي جڳهه سان چنبڙيا پيا هوندا، ڇوته انهن کي اهو محسوس ٿئي ٿو ته ڪو ماڻهو کين ڇُهي رهيو آهي. -ان- کان پوءِ ڪيڙا ماڪوڙا آهن ۽ تنهن کان پوءِ اهڙا جانور، -جن- کي صرف چار حواس آهن، مثلاً: ڇڇوندر يا بنا اکين وارا جانور. اڳتي هلي اهڙا جانور اچن ٿا، -جن- ۾ پنج ئي حواس آهن، پر اهي به ڪن ۾ گهٽ ته ڪن ۾ وڌيڪ آهن. انهن مان ڪي اشاري ۽ مهميز کي سمجهن ٿا، جهڙوڪ گهوڙو ۽ -باز- وغيره. آخر ۾ حيوانات جي ترقيءَ جي منزل -انسان- جا ابتدائي نمونا آهن، -جن- ۾ -باندر- وغيره اچي وڃن ٿا. اتي پهچڻ کان پوءِ -ان- جو قد به سڌو ٿي وڃي ٿو. -ان- کان سواءِ منجهس تميز جي قوت به پيدا ٿئي ٿي. اهو حيوانات جو اعليٰ -ترين- ليڪن انسانيت جو ادنيٰ درجو آهي. (حيوانيات جي حوالي سان ڪنهن ڪنهن حد تائين اهو نظريو ڊارون جي ارتقاد جي نظريي سان ميل کائي ٿو، جيڪو هن کان ڪيئي صديون پوءِ جو آهي) فارسيءَ جي عظيم صوفي شاعر مولانا روميءَ (1273- 1207ع) جو نظريو، -ابن مسڪويه- جي خيالن سان تمام گهڻي مشابهت رکي ٿو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -ابن مسڪويه- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ابن مسڪويه - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن