داخلا نمبر 2026
عنوان ابو الليث صديقي پروفيسر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1031 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ابو الليث صديقي پروفيسر

ابو الليث صديقي پروفيسر: پروفيسر ڊاڪٽر ابوالليث صديقي 15 جون 1916ع تي آگري (اڪبر آباد) ۾ پيدا ٿيو. ابو الليث صديقي اردو زبان ۽ ادب جو ممتاز اديب، نقاد، محقق، ماهر تعليم ۽ سابق استاد شعبه اردو اورينٽل ڪاليج لاهور رهيو. ان کانسواءِ سابق صدر شعبه اردو ڪراچي يونيورسٽي، پروفيسر ايمريٽس ۽ مدير اعليٰ اردو لغت بورڊ ڪراچي (84-1962) پڻ رهي چڪو هو. ابو الليث جون هي تصنيفون مشهور آهن. 1- لکنوء کان دبستان شاعري، 2- ڪليات مصحفي، 3- آج ڪا اردو ادب، 4- غزل اور متغزلين، 5- تاريخ زبان ادبيات اردو، 6- تاريخ اصول تنقيد، 7- جديد اردو ادبيات. هن عظيم هستيءَ ڪراچيءَ ۾ 7 سيپٽمبر 1994ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.06.15  عيسوي

ابو الليث صديقي پروفيسر: پروفيسر ڊاڪٽر ابوالليث صديقي 15 جون 1916ع تي آگري ( اڪبر آباد ) ۾ پيدا ٿيو . ابو الليث صديقي اردو زبان ۽ ادب جو ممتاز اديب ، نقاد ، محقق ، ماهر تعليم


1994.09.07  عيسوي

ابو الليث صديقي پروفيسر ڪراچيءَ ۾ 7 سيپٽمبر 1994ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون