داخلا نمبر 3951
عنوان ابو جعفر طوسي رح
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 863 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
ابو جعفر طوسي

ابو جعفر طوسي

ابو جعفر طوسي رح

ابو جعفر طوسي رح: ابو جعفر محمد نصير الدين طوسي اسلامي دنيا جي وڏن مفڪرن مان هو. هو دنيا جي مختلف علمن جي ڄاڻ رکندو هو ۽ وڏو محقق هو. هن جون مختلف علمن ۽ فنن بابت ڪيتريون ئي لافاني تصنيفون موجود آهن. هن کي فلڪيات، رياضي، سائنس، نوريات، جاگرافي، طب، فلسفي، منطق، موسيقي، اخلاقيات، دينيات وغيره علمن تي عبور حاصل هو. ابو جعفر طوسي 15 جمادي الاول 598 هه/ 10 فيبروري 1202ع ۾ خراسان جي مشهور شهر طوس ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم اتي ئي مڪمل ڪيائين ۽ هن جو خاص استاد ڪمال الدين ابن يونس هو. ابو جعفر طوسي علم نجوم بابت پڻ وڏي شهرت ماڻي. اسماعيلي گورنر ناصر الدين عبدالرحمان هن کي اغوا ڪرائي الموت طرف روانو ڪيو، جتي کيس مجبوراً رهڻو پيو. 654 هه/ 1256ع ۾ منگول فاتح هلاڪو خان طوسيءَ کي آزادي ڏياري. ان بعد طوسي، هلاڪو خان جو خاص صلاحڪار مقرر ٿيو ۽ سڄي زندگي ساڻس گڏ رهيو. 656/1258ع ۾ جڏهن هلاڪو خان بغداد فتح ڪيو ته طوسي هن سان گڏ هو ۽ هي بغداد جي ڪتب خانن، مقدس مقامن ۽ مسلمانن کي منگولن جي حملن کان محفوظ رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هلاڪو خان تي علامه طوسيءَ جو وڏو اثر هو ۽ هو ڪو به ڪم سندس مشوري کان سواءِ نه ڪندو هو. نصير الدين طوسي مراغه ۾ فلڪيات تي ڪامياب تحقيق ڪري هڪ ڪتاب ”تذڪره الناصره“ 654/1256ع ۾ ٻن جلدن ۾ لکيو هو. مشرقي ۽ مغربي ٻولين ۾ هن ڪتاب جي ترجمن کان سواءِ ان جون ڪيتريون تشريحون ۽ تبصرا به لکيا ويا آهن. هلاڪو خان جي انتقال کان پوءِ سندس جانشين ابڪه خان جي دور ۾ به طوسيءَ جو اثر رسوخ ساڳيو جاري رهيو. وقت جا ڏيهي توڙي پرڏيهي عالم هن جي علمي حيثيت مڃيندا هئا. بغداد ۾ نائين صدي عيسويءَ ۾ عباسي خليفي مامون رشيد جو ”بيت الحڪماء“ ۽ يارهين صدي عيسويءَ ۾ فاطمي خليفي الحڪيم جو ”دارالحڪماء“ فلڪياتي رسدگاهه (اهو هنڌ جتي سيارن جي گردش وغيره جو مشاهدو ڪجي) مشهور هئا. جن کان پوءِ مراغه (ترڪستان) ۾ طوسيءَ هڪ فلڪياتي رسدگاهه جو بنياد رکيو، جيڪو 657هه/1259ع ۾ تيار ٿيو، جنهن جا آثار اڄ به موجود آهن، ان ۾ هڪ وسيع ڪتب خانو به موجود هو، جنهن ۾ چئن لکن مان مٿي ڪتاب هئا.

طوسي کي ”ترڪيوٽ“ جو باني مڃيو وڃي ٿو. پندرهين ۽ سورهين صدي عيسويءَ ۾ هي اوزار مغرب ۾ گهڻو مقبول ٿيو. مراغه ۾ جيڪا خالص فلڪياتي تحقيق ٿي، ان جي نتيجي ۾ ”الزج والخاني“ وجود ۾ آئي، جنهن کي خاني تقويم به چيو وڃي ٿو، جيڪا مشرقي ملڪن خاص ڪري چين ۾ گهڻي مشهور ٿي. طوسيءَ اها تقويم ٻارهن سالن جي محنت کان پوءِ 671 هه/ 1272ع ۾ مرتب ڪئي. هي شاعر به هو. هن 30 ذوالحج 673هه/ 26 جون 1274ع ۾ بغداد ۾ وفات ڪئي. علامه حلي پنهنجي استاد طوسيءَ کي هميشه ”استاد بشريت“ جي نالي سان ياد ڪندو هو. سندس مشهور تصنيفون هيٺ آهن:

(1) تحرير اقليدس ، (2) الرسالة الشافية عن الشڪ في الخطوط المتوازبة ، (3) تحرير مجسطي، (4) تحرير مالا وس في الاشڪال الڪروية، (5) تحرير ماخوذات ارشميدس، (6) تحرير المناظر اقليدس، (7) تحرير ظاهرات الفلڪ اقليدس، (8) تحرير ابسقلاوس في المطالع، (9) تحرير المفروضات ارشميدس، (10) ڪتاب ارسطرخس في جرمني النيرين و بعديهما، (11)، تحرير ڪره واسطوانه ارشميدس، (12) تحرير ڪتاب امعطيات، (13) ترجمه ثمرة الفلڪ، (14) ڪتاب انعڪاسات الشعاعات (15) تذڪره نصيريه درحيات، (16) ترجمه صور الڪواڪب، (17) رساله در شعاع، (18) بيست باب در معرفت اسطر لاب، (19) سي فصل در حيات و معرفت تقويم، (20) رساله در حساب و جبرو مقابله، (21) زبدة الادراڪ في حيات الافلاڪ، (22) مدخل في علم النجوم، (23) استخراج قبلة تبريز، (24) اخلاق ناصري، (25) اوصاف الاشراف، (26) جواهر الفرائض در فقه، (27) آداب المتعلمين در تربيت، (28) معيار الاشعار در عروض، (29) اساس الاقتباس، (30) تجريد المنطق، (31) حل مشڪلات اشارات، در فلسفه، (32) رساله بقاء النفس بعد فناء الجسد، (33) رساله در ڪيفيت صدور موجودات، (34) رساله در نفي و اثبات، (35) رساله العلل و المعلولات، (36) فصول نصيريه، (37) مصارع المصارع، (38) رساله در جبر و اختيار، (39) رساله اثبات واجب، (40) رساله در امامت وغيره.


هن صفحي کي شيئر ڪريو