داخلا نمبر 2046
عنوان ابو زيد حسن سيرافي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 413 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ابو زيد حسن سيرافي

ابو زيد حسن سيرافي: ھيءُ ٽين صدي ھجري جو سياح ۽ تاجر آھي. ۽ خليج جي مشھور بندرگاھ سيراف جو رھندڙ ھو، سيراف ۾ ھن جي ملاقات مشھور مورخ ۽ سياح مسعوديءَ سان ٿي ھئي. ھيءُ سيراف کان ھندستان ۽ چين جي وچ ۾ بحري ۽ تجارتي سفر ڪندو رھندو ھو. ھن سليمان تاجر جي سفر نامي جو 25- 30 سالن کان پوءِ تڪلمه لکيو، جنھن ۾ ھندستان جي رسم رواج، تمدن ۽ معاشرت، مذھبي اعتقادات، بت خانن ۽ راجائن جي حالتن وغيره جو ذڪر ڪيو آھي. ھن جي معلومات جو بنياد ذاتي ھو يا مشرق جو سفر ڪندڙ ٻين سوداگرن جا بيان آھن. ھن جو ھي تڪلمه به سليمان جي سفر نامه سان گڏ پھريون دفعو پيرس مان سن 1845ع ۾ ڇپيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو