ابو نصر بن عبدالله سنڌي

ابو نصر بن عبدالله سنڌي: ابو نصر فتح بن عبدالله سنڌي آل حاڪم جي غلامن مان ھو، جن بعد ۾ کيس آزاد ڪري ڇڏيو. ھن مختلف علمن، فقهه، ڪلام وغيره ۾ مھارت حاصل ڪئي. فقهه جي تحصيل ابو علي ثقفيءَ کان حاصل ڪيائين ۽ حديث جي روايت حسن بن سفيان وغيره کان ڪيائين ۽ ”فقيه ۽ متڪلم“ جو لقب پاتائين، ديني، علمي، مرتبو اھڙو حاصل ڪيائين، جو شاگردن معتقدن جو گروھ ھر وقت سندن چوڌاري رھندو ھو. کيس پنھنجي سنڌي مسلمان ھجڻ تي فخر ھو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو